Book Name:Amad e Mustafa Marhaba Marhaba
جو نالو محمد صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم آهي جيڪي صاحبِ زم زم و صفا (يعني حضرت سيّدنا اِسماعيل عَـلَيْـهِ الـصَّلٰوة ُ وَالـسَّلَام) جا پٽ آهن، ان جي زمين”تهامه“ آهي ۽ ان جي ٻنهي ڪلهن جي وچ ۾” مهرِ نبوت“ آهي اهي جڏهن هلندا ته ڪڪر ان تي ڇانوَ ڪندو. (نه نه بلڪ ڪڪر انهن سان ڇانوَ حاصل ڪندو)
ايتري ۾ عامر يمني جي بيمار ڌيءَ جيڪا هيٺ بي خبر سُتي پئي هئي پنهنجي پيرن سان هلي ڇت تي آئي، عامر يمني حيران ٿيندي چيو: اي منهنجي ڌيءَ تنهنجي اها تڪليف ۽ بيماري ڪيڏانهن وئي جنهن تنهنجو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو هو؟ ڌيءَ جواب ڏنو: بابا سائين! مان دنيا کان بي خبر سُتي پئي هيس ته مون پنهنجي سامهون نور جي تجلي ڏٺي، منهنجي سامهون هڪ بزرگ تشريف وٺي آيو، مون پڇيو: اِهو نور ڇاجو آهي جيڪو مان ڏسي رهي آهيان ۽ هيءُ ڪير بُزرگ آهن، جن جي مبارڪ ڏندن جي نور مون تي ڇانوَ ڪئي آهي؟ جواب آيو: هيءُ عدنان جي پٽ جو نور آهي(حضرت عدنان رسولِ پاڪ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي ابن ڏاڏن مان هڪ بزرگ آهي) جنهن سان ڪائنات پُرنور ٿي رهي آهي، ان جو نالو احمد و محمد آهي، فرمانبردارن تي رحم ۽ خطاڪارن کي معاف فرمائيندا. مون پڇيو: انهن جو دين ڪهڙو آهي؟ جواب ڏنو: اهي ”دينِ حَنِيۡف“ (يعني سچي دين) تي آهن. مون پڇيو: اهي ڪنهن جي عبادت ڪن ٿا؟ جواب مليو: اَللہ وَحْدَہٗ لَا شَرِیْکَ جي يعني ان الله پاڪ جي جيڪو اڪيلو آهي ۽ ان جو ڪو شريڪ ناهي. مون پڇيو: اوهان ڪير آهيو؟ ته جواب مليو: مان انهن ملائڪن مان هڪ ملائڪ آهيان جنهن کي نُورِ محمدي کڻڻ جو شرف بخشيو ويو آهي. مون عرض ڪيو: ڇا توهان منهنجي هن تڪليف کي نٿا ڏسو؟ ملائڪ چيو: ها! تون نبيِّءِ احمد صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي وسيلي سان دعا ڪر. جو انهن جي وسيلي سان ڪيل دعا قبول ٿيندي آهي. اها ٻارڙي چوي ٿي ته اهو ٻڌندي ئي مون پنهنجا ٻئي هٿ کنيا ۽ سچي دل سان الله پاڪ کان دعا گهري ۽ پوءِ ٻئي هٿ پنهنجي چهري ۽ جسم