Book Name:Amad e Mustafa Marhaba Marhaba
هدايت جي تلاش ۾ نڪري پئو شايد اسان کي حق جي طرف ڪو رستو ملي وڃي. زال مڙس ٻئي پنهنجي گهر جي ڇت تي ويهي حق و هدايت جي گفتگو ڪري رهيا هئا ته اوچتو انهن ڏٺو ته هڪ نور آهي جيڪو سڄي آسمان تي ڦهليل آهي ۽ ان جي روشني سان سڄي دنيا چمڪي رهي آهي! الله پاڪ انهن جي اکين اڳيان ظُلمت (يعني اونداهي) جا پڙدا هٽائي ڇڏيا ته جيئن اهي خوابِ غفلت مان جاڳي پون، ڇا ٿا ڏسن جو ملائڪن صفون ٻڌي هڪ گهر کي گهيري ورتو آهي، جبل سجدو ڪري رهيا آهن، زمين رڪيل آهي ۽ وڻ ٽڻ جهڪيل آهن ۽ هڪ چوڻ وارو چئي رهيو آهي:”مبارڪ هجيوَ! سچي ۽ آخري نبي صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي ولادت ٿي چڪي آهي.
مبارک ہو کہ ختم المرسلیں تشریف لے آئے
جنابِ رحمۃ للعٰلمیں تشریف لے آئے
عامر يمني پنهنجي بت ڏانهن ڏٺو ته اهو منهن ڀر زمين تي ڪريو پيو آهي! عامر جي گهر واري چوڻ لڳي: ٿورو هن بت کي ته ڏسو! ڪيئن اونڌي منهن زمين تي پيل آهي! ايترو ٻڌندي ئي بت ڳالهائڻ لڳو:”خبردار ٿي وڃو! وڏي خبر ظاهر ٿي وئي آهي، اها پاڪ ذات پيدا ٿي چڪي آهي جيڪا ڪائنات کي شرف ۽ خوشي بخشيندي، آگاھ ٿي وڃو! اهي آخري نبي صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جن جي آمد (يعني اچڻ) جو هر هڪ کي انتظار هيو، جن سان وڻ ٽڻ ۽ پٿر گفتگو ڪندا، اهي جن جي اشاري سان چنڊ ٻه ٽڪرا ٿيندو ۽ جيڪي ربيعه و مضر قبيلي جا سردار هوندا ظاهر ٿي چڪا آهن. اهو ٻڌي عامر يمني زال کي چيو: تون ٻڌي پئين نه، ته پٿر ڇا چئي رهيو آهي! چوڻ لڳي هن کان پڇو: ته اُن پيدا ٿيڻ واري سعادتمند جو نالو ڇا آهي جن جي نور سان الله پاڪ سڄي جهان کي روشن ڪري ڇڏيو آهي؟ عامر چيو: اي غيب مان ايندڙ آواز! هن پٿر صرف اڄ ئي ڳالهايو آهي اهو ته ٻڌايو ان عظيم هستي جو نالو ڇا آهي؟ جواب ڏنائين: ان