Book Name:Amad e Mustafa Marhaba Marhaba
ڇڏيو. عيد ڪارڊن جي بدران ديني ڪتاب ۽ رسالا ڏيڻ جو رواج وجهو ته جيئن جيڪا رقم خرچ ٿئي ان سان دين جو به فائدو ملي. شادي غمي جي تقريبن ۾ پنهنجي شهر جي مڪتبة المدينه کان ترڪيب بڻائي بستو لڳرايو ۽ مهمانن ۾ توفيق آهر اسلامي ڪتاب ۽ رسالا مفت تقسيم ڪيو.
ولادتِ شہِ دیں ہر خوشی کی باعث ہے ہزار عید سے بھاری ہے بارہویں تاریخ[1]
9. شهرن، ڳوٺن وغيره ۾ هر يوسي جا نگران 12 ڏينهن تائين روزانو مختلف مساجد ۾ عظيم الشان سنتن ڀريا اجتماعات منـعقد ڪن. شخصيات جي گهرن، عاشقانِ رسول جي دڪانن، مارڪيٽن، ڪارخانن، تعليمي ادارن وغيره ۾ به اجتماع ڪيو. (ذميدار اسلامي ڀينرون مدني مرڪز جي ڏنل طريقيڪار جي مطابق گهرن ۾ اجتماعات فرمائن)
لب پر نعتِ رسولِ اکرم ہاتھوں میں پرچم دیوانہ سرکار کا کتنا پیارا لگتا ہے
10. 11 ربيع الاول جي شام جو نه ته ٻارهينءَ جي رات غسل ڪيو، ٿي سگهي ته هن عيدن جي عيد جي تعظيم جي نيت سان اڇو لباس، عمامو، سربند، ٽوپي، مٿي تي پائڻ چاهيو ته سفيد چادر، پردي ۾ پردي لاءِ چادر، ڏندڻ، کيسي جو رومال، چپل، تسبيح، عطر جي شيشي، هٿ جي گهڙي، قلم، قافلو پيڊ وغيره پنهنجي استعمال جي هرشيءِ ممڪن هجي ته نئين وٺو. (مجلسِ ميلاد شريف ۽ ٻين مجالسِ خير جي لاءِ غسل ڪرڻ مستحب آهي. ڏسو: نماز جا احڪام ص 115)
آئی نئی حکومت سکّہ نیا چلے گا عالَم نے رنگ بدلا صبحِ شبِ وِلادت
11. ٻارهين جي رات اجتماع ميلاد ۾گذاري صبح صادق جي وقـت پنهنجن