Qaroon Ko Naseehat

Book Name:Qaroon Ko Naseehat

حالت ۾ ڏٺو جو سندس هٿ تي چرٻي جو ننڍو ٽڪڙيو هيو ۽ جسم تي تهبند کان سواءِ ٻيو ڪو ڪپڙو نه هو ۽ اها هاءِ غلطي! هاءِ افسوس! هاءِ اُڃ! جا آواز لڳائي رهي هئي. اُڃ جي سختي جي ڪري اها هٿ ۾ پڪڙيل چرٻي کي پنهنجي تري تي رهڙي ڪري ان کي چٽي ڇڏي پئي. ان جي سامهون ئي نهر وهي رهي هئي. مون چيو: اَمان! تون اُڃ اُڃ جا آواز لڳائي رهي آهين جڏهن ته نهر تنهنجي سامهون موجود آهي. اها چوڻ لڳي: مان پاڻي کان پاڻ ناهيان رڪي(بلڪه مون کي ان کان روڪيو ويو آهي). هاڻي مون چاهيو ته مان اڳتي وڌي امڙ کي پاڻي پيئاريان. سو جيئن ئي مون نهر مان ٻُڪ ڀري ڪري امڙ کي پياريو ته هڪ آواز آيو: جنهن هن عورت کي پاڻي پياريو آهي ان جو هٿ مفلوج (يعني ان جي هٿ ۾ فالج)ٿي وڃي. هاءِ افسوس! جڏهن مان صبح اٿيس ته منهنجو هٿ مفلوج ٿيل هو ۽ مان ان هٿ سان ڪو ڪم نه پئي ڪري سگهيس.

مسلمانن جي پياري امڙ سائڻ حضرت عائشه صديقه رَضِىَ اللهُ عَنْها واقعو ٻڌي ڪري اُن عورت کان پڇيو: ڇا تون اُن ڪپڙي جي ٽڪڙي کي سڃاڻين ٿي(جيڪو تنهنجي والده ٻڌي رکيو هو؟) عرض ڪيائين: جي ها! هي اهو ڪپڙو هيو جيڪو منهنجي والده هڪ ڀيرو ڪنهن سوالي کي ڏنو هو ۽ اها چرٻي (جيڪا ان جي هٿ ۾ هئي ۽ ان جي ذريعي اها پنهنجي اُڃ ختم ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهي هئي، چرٻي جو اهو ٽڪڙو) به انهن هڪ ڀيرو صدقو ڪيو هو.

    هي ٻڌي ڪري حضرت سيّده عائشه صديقه رَضِىَ اللهُ عَنْها چيو: اللہ اکبر!الله پاڪ سچ فرمايو:

فَمَنْ یَّعْمَلْ مِثْقَالَ ذَرَّةٍ خَیْرًا یَّرَهٗؕ(۷) وَ مَنْ یَّعْمَلْ مِثْقَالَ ذَرَّةٍ شَرًّا یَّرَهٗ۠(۸)