Qaroon Ko Naseehat

Book Name:Qaroon Ko Naseehat

بدن جو بگڙجڻ ۽ سفيد داغ آهن۔[1] * الله پاڪ اسان کي خوب صدقو ۽ خيرات ڪرڻ، نيڪ نمازي بڻجڻ جي توفيق نصيب فرمائي.

اٰمِين بِجَاهِ خَاتَمِ النَّبِيّٖن صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم 

(3) قارون کي ٽين نصيحت

 بني اسرائيل جي نيڪ مسلمانن قارون کي ٽين نصيحت ڪندي چيو:

وَ لَا تَنْسَ نَصِیْبَكَ مِنَ الدُّنْیَا

ترجمو ڪنزالعرفان: ۽ دنيا مان پنهنجو حصو نه وسار.[2]

  هن آيت ڪريمه ۾ فرمايو ويو ته دنيا مان پنهنجو حِصّو نه وسار...!! هن مان ڇا مراد آهي؟ هن حوالي سان هڪ بُزرگ رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه فرمائي ٿو: هن مان مراد ڪفن آهي:[3]

   الله اڪبر! هن دنيا مان اسان جو حِصّو صرف ڪفن جون 2 چادرون آهن * اسان سڄي زندگي ڪمائيندا رهون * ڪارون به خريديون *  ڪوٺيون*  بنگلا به بڻائي ورتا * اربين کربين روپيه به جمع ڪري ورتا  * هزارين ميڊل به اسان وٽ جمع آهن * دنيا جي هر طرح جي نعمت اسان وٽ آهي پر اسان هن دنيا مان ڇا گڏ کڻي وينداسين؟ صرف ڪفن جون 2 چادرون ٻيو ڪجھ نه...!! هڪ عربي شاعر چئي ٿو:

نَصِیْبُکَ مِمَّا تَجْمَعُ الدَّھْرَ کُلَّہٗ                                                                                                             رِدَااٰنِ تُلْویٰ فِیْہِمَا وَ حَنُوْط([4])  


 

 



[1] تَارِیْخَ بَغْدَاد، حارث بن مرۃ، جلد:8، صفحہ:204، رقم:4326

[2] پارہ:20، القصص:77

[3] شرح الصدور ، صفحہ:23۔

[4]... التذکرۃ للقرطبی ،باب ذکر الموت و الاستعدادلہ  ، جز:1، صفحہ:10۔