Qaroon Ko Naseehat

Book Name:Qaroon Ko Naseehat

حِرْصِ دُنیا نکال دے دِل سے                                                                                     بس رہوں طالِبِ رضا یارَبّ!

کر دے جنّت میں تُو جَوَار اُن کا                                                                                         اپنے عطّار کو عطا یارَبّ!

صَلُّوْا عَلَی الْحَبِیْب!                                                صَلَّی اللہُ عَلٰی مُحَمَّد

12 ديني ڪمن مان هڪ ديني ڪم:  فجر جي لاءِ جاڳائڻ

پيارا اسلامي ڀائرو! خوفِ آخرت حاصل ڪرڻ ۽ نيڪ نمازي بڻجڻ جي لاءِ عاشقانِ رسول جي ديني تحريڪ دعوت اسلامي جي 12 ديني ڪمن ۾ عملي طور حِصّو وٺو! دعوت اسلامي جي 12 ديني ڪمن مان هڪ ديني ڪم آهي: فجر جي لاءِ جاڳائڻ. نمازِ فجر جي لاءِ جاڳائڻ آخري نبي، مڪي مدني صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي سُنت آهي. اَلحَمۡدُلله! دعوت اسلامي سان وابسته عاشقانِ رسول جو هڪ تعداد آهي جيڪي هن سُنّت تي عمل جي جذبي جي تحت ماڻهن کي فجر جي لاءِ جاڳائڻ جي ترڪيب ڪن ٿا. اوهان به هن ديني ڪم ۾ حصو وٺو! اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! کوڙ برڪتون ملنديون *ٻين کي جاڳائيندا ته پاڻ کي به فجر جي نماز  باجماعت پڙهڻ جي سعادت نصيب ٿيندي. * صبح صبح نيڪي جي دعوت عام ڪرڻ جو ثواب ملندو *اوهان جي جاڳائڻ سان جيترا ماڻهو نماز پڙهندا، انهن سڀني جي نمازن جو ثواب انهن کي به ملندو ۽ اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! اوهان جي اعمالنامي ۾ به لکيو ويندو.

آخري وقت ڪلمو نصيب ٿي ويو

ضلع اوڪاڙه  (پنجاب، پاڪستان) جي شهر دِيپالپور جي اسلامي ڀاءُ جو بيان آهي ته منهنجا چاچا محمد رفيق عطاري دعوتِ اسلامي جي ديني ماحول سان وابسته ۽ اميرِ اَهلسنّت دَامَتْ بَـرَکَاتُهُمُ الْعَالِيَه جا مريد ها۔ ماڻهن کي نمازِ فجر جي لاءِ جاڳائڻ جو روزانو معمول هو ۽ ان جي لاءِ صبح جلدي بيدار ٿي پري پري تائين ماڻهن کي