Qaroon Ko Naseehat

Book Name:Qaroon Ko Naseehat

اسان مال جا مالڪ ناهيون، وڪيل آهيون

پيارا اسلامي ڀائرو! هي به وڏي اهم نصيحت آهي. الله پاڪ اسان کي مال عطا فرمايو، هاڻي اسان کي گهرجي ته اسان خدا جي راھ ۾ خرچ ڪري ان مال جو حق ادا ڪيون. هي ڳالھ هميشه ياد رکو ته اسان مال جا مال ناهيون بلڪه وڪيل آهيون. سرڪارِ غوث اعظم رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه فرمائن ٿا: اَنْتُمْ وُکَلَاءُ عَلٰی ہٰذِہِ الْاَمْوَال  يعني توهان اُن مال جا وڪيل آهيو.[1]

سُبْحٰنَ اللہ! معلوم ٿيو، هي مال اسان جو ناهي، الله پاڪ جو آهي، اسان ته صرف وڪيل آهيون، يعني اسان کي هي مال ڏنو ويو آهي ۽ اسان هن مال کي صرف اُتي خرچ ڪري سگهون ٿا، جتي الله پاڪ حڪم فرمائيندو،* حڪم مليو: زڪوات ادا ڪيو! اسان زڪوات ادا ڪري ڇڏينداسين * حڪم مليو: فطرو ادا ڪيو! اسان فطرو ادا ڪري ڇڏينداسين* حڪم مليو: غريبن تي خرچ ڪيو! اسان غريبن تي خرچ ڪنداسين. * حڪم مليو: پنهنجي اهل و عيال تي خرچ ڪيو! اسان پنهنجي اهل و عيال تي خرچ ڪنداسين. مطلب ته مال الله پاڪ جو آهي، اهو جتي حڪم فرمائيندو، اسان اُتي خرچ ڪنداسين. انهي ڪري الله پاڪ هي مال اسان کي عطا فرمائي ڪري اسان تي احسان فرمايو، لهٰذا اسان تي لازم آهي ته اسان الله پاڪ جي ٻانهن تي احسان ڪيون، انهن جي ڪفالت ڪيون.

الله پاڪ جو  پيارو  ٻانهو

الله پاڪ جي آخري نبي، محمد عربي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم فرمايو: ماڻهو الله پاڪ جا


 

 



[1] جَلَاء الخَاطِرْ، مجلس:حقوق الفقراء، صفحہ:110۔