Qaroon Ko Naseehat

Book Name:Qaroon Ko Naseehat

انسانو آخرت اچي رهي آهي، دنيا وڃي رهي آهي. هنن مان هرهڪ جا طالب آهن. توهان آخرت طلب ڪرڻ وارا بڻجو! دنيا چاهڻ وارا نه بڻجو...!![1]

انهيءَ ڪري آخرت جا طلبگار بڻجو، دنيا وڃي رهي آهي...!! جيڪڏهن،*  اسان پنهنجي جواني دنيا تي خرچ ڪيون ته دنيا به ختم، جواني به ختم* اسان پنهنجي طاقت دنيا تي خرچ ڪيون، دنيا به ختم، طاقت به ختم * اسان پنهنجو مال دنيا ٺاهڻ ۾ خرچ ڪيون ته دنيا به ختم، مال به ختم...!! ۽ جيڪڏهن اسان * پنهنجي جواني *پنهنجي طاقت* پنهنجي ذهانت * پنهنجي سوچ * پنهنجون صلاحيتون* پنهنجو مال دنيا جي لاءِ نه بلڪ آخرت جي لاءِ خرچ ڪيون ته هي * جواني*  طاقت* مال و دولت * جيتوڻيڪ ختم ٿي ويندو پر آخرت باقي رهندي. ان جي لاءِ عقلمند اهو آهي جيڪو دنيا جو نه بلڪ آخرت جو طلبگار بڻجندو آهي.

انسان  اهو ئي حاصل ڪندو  جيڪو ان   اڳتي موڪليو  هوندو

هڪ ڀيري حضرت عمر بن عبدالعزيز رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه خليفه سليمان بن عبدالملڪ سان گڏ ڪنهن سفر تي روانا ٿيا. (اڳي دور ۾ اُٺ ۽ گهوڙن وغيره تي سفر ٿيندو هو ۽ خادمن جي ذريعي خيما ۽ ضرورت جو سامان پهريان کان منزل تي پهچايو ويندو هو ته جيئن اُتي پهچڻ تائين خيما تيار هجن)، جيئن ته خليفه سُليمان بن عبدالملڪ ۽ ٻين ماڻهن پنهنجا خيما اڳتي موڪلي ڇڏيا پر حضرت عمر بن عبدالعزيز رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه پنهنجو سامان ۽ خيمو پهريان کان اڳتي نه موڪليو. جڏهن منزل تي پهتا ته هر شخص پنهنجي پنهنجي خيمي ۾ هليو ويو پر حضرت عمر بن عبدالعزيز رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه ڪٿي نظر نه اچي رهيا هئا، خليفي خادمن کي چيو: وڃو! حضرت عمر بن عبدالعزيز رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه کي ڳولهي اچو..!! جڏهن ڳولها ڪئي وئي ته پاڻ هن حالت ۾ مليا جو هڪ وڻ جي هيٺان ويهي


 

 



[1]...بخاری،کتاب الرقاق،باب فی  الامل و طولہ ،صفحہ: 1581