Qaroon Ko Naseehat

Book Name:Qaroon Ko Naseehat

سُبْحٰنَ الله! الله پاڪ جي ڪيتري ڪرم نوازي آهي، مال به ان جو، ڏنو به ان، جيڪڏهن اسان انهيءَ جي راھ ۾ خرچ ڪريون مال به محفوظ، ثواب به ايترو جو ڳڻپ ۽ حساب ۾ نه اچي سگھي.

صدقي ڪرڻ جا فضائل ۽ ثواب

پيارا اسلامي ڀائرو! * صدقو ۽ خيرات ڪرڻ اسان جي پياري آقا، مڪي مدني مصطفيٰصَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم  جي عظيم سُنت آهي، پاڻ سڳورن      صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي جود و سخاوت جي در تان ڪو سوالي خالي نه ويندو هو.[1]     * صَدَقو گناهن کي ايئن مٽائي ٿو جيئن پاڻي باھ کي وسائيندو آهي. [2] * صَدَقو جهنّم جي باھ کي وسائيندو آهي، حديث پاڪ ۾ آهي جيڪو الله پاڪ جي رضا جي خاطِر صَدَقو ڪري ته اهو صدقو ان جي ۽ باھ جي وچ ۾ پردو بڻجي ويندو آهي.[3] * صَدَقو الله پاڪ جي غَضَب کي وسائيندو ۽ بُري موت کي دَفْعَ (يعني پري)ڪندو آهي.[4] * صَدَقو ڪرڻ وارو قيامَت جي ڏينهن پنهنجي صدقي جي ڇانو ۾ هوندو.[5] * صَدَقو بُرائي جا 70دروازا بند ڪندو آهي۔[6] صَدَقو قَبر جي گرمي کان بچائيندو آهي۔[7] * مسلمان جو صَدَقو ان جي عمر کي وڌائيندو آهي۔[8] * صَدَقو 70 قِسم جي بلائن کي روڪيندو آهي جن مان سڀني کان گهٽ


 

 



[1] فیضانِ  سخی سرور،صفحہ:6۔

[2] ابنِ ماجہ ، كتاب الفتن ،باب كف اللسان فى الفتنہ  ،صفحہ:640 ، حديث:3973 ۔

[3]معجمِ  كبير،جلد:10 ،صفحہ:409 ،حديث:20584۔۔

[4] ترمذى، کتاب الزكاة، باب ما جاء فى فضل الصدقہ،صفحہ:189،حديث:664 ۔

[5] مشکاة المصابیح، کتاب الزكاة، باب الانفاق وکراهیہ ...الخ، جلد:1،صفحہ:359 ،حدیث:1887۔

[6] سننِ کبری للبیہقی،کتاب الزكاة ، باب التحریض علی...الخ ،جلد:4 ،صفحہ:479 ،حديث:7751۔

[7] شُعبُ الْاِیْمَان، باب:الزکاۃ، جلد:3، صفحہ:212، حدیث:3347

[8] معجم کبیر، جلد:6، صفحہ:440، حدیث:13508