Qaroon Ko Naseehat

Book Name:Qaroon Ko Naseehat

اچي وڃي يا ڪو جيب ڪترو جيب نه ڪٽي وڃي، گھر ۾ مال رکيل هجي ته هر وقت ڊپ لڳل رهندو آهي ته گرِل (Grill) لڳائي وڃي، مضبوط تالو هجي، تجوري بهترين هجي، سيڪيورٽي گارڊ بيهاريا وڃن، گھر ۾ مال ودولت رکيل آهي ڪٿي چور نه اچي وڃن، پر جڏهن اسان مال خرچ ڪري ڇڏيندا آهيون، راھِ خدا ۾ صدقو ۽ خيرات ڪندا آهيون ته اهو مال اسان جو ٿي ويندو آهي۔ انهي ڪري اسان کي گهرجي ته راھ خدا ۾ خوب صدقو ڪرڻ ۽ مال ۽ دولت جي ذريعي جنّت ڪمائڻ جي فڪر ڪيون.

هٿ ۾ فالج  ڪيئن ٿيو...!

 هڪ ڀيرو مسلمانن جي پياري امڙ سائڻ حضرت عائشه صديقه رَضِىَ اللهُ عَنْها جي خدمت ۾ هڪ عورت حاضر ٿي، ان جي هٿ ۾ فالج ٿي چڪو هو. ان پنهنجو واقعو بيان ڪندي چيو: منهنجو والد وڏو سخي انسان هو * زڪوات ڏيندو * مهمان نوازي ڪندو * سوالين کي عطا ڪندو * ايستائين جو ننڍي ننڍي نيڪي کي به نه ڇڏيندو هو. پر منهنجي والده نهايت ڪنجوس هئي، ڪنهن نيڪ ڪم ۾ پنهنجو مال خرچ نه ڪندي هئي.

   پهريان منهنجي والد جو انتقال ٿيو. ان جي ٻن مهينن کان پوءِ منهنجي والده جو به انتقال ٿي ويو، پوئين رات مون خواب ۾ پنهنجي والدين کي ڏٺو، والد صاحب تي ڦڪي رنگ جون ٻه چادرون هيون ۽ انهن جي سامهون نهر وهي رهي هئي. مون عرض ڪيو: باباسائين هي ڇا آهي؟ فرمايائون: ڌيءَ!  ٻانهو دنيا ۾ جيڪا به نيڪي ڪندو اهو ان جو انعام ڏسندو. هي جيڪو ڪجھ تون ڏسي رهي آهين اهو مون کي منهنجي ربّ عطا ڪيو آهي. مون  پڇيو: بابا! امڙ جو ڇا ٿيو؟ انهن پڇيو: ڇا هوءَ انتقال ڪري وئي آهي؟ مون چيو: هائو! ان تي بابا سائين چيو: هاءِ افسوس! ان کي اسان کان پري ڪيو ويو. تون پنهنجي والده کي کاٻي پاسي تلاش ڪر! مان کاٻي پاسي ويس، اُتي مون والده کي اهڙي