Qaroon Ko Naseehat

Book Name:Qaroon Ko Naseehat

ٿي ويو آهي ۽ هي رسيد ان جي وصيت جي مطابق ڪفن ۾ رکي وئي هئي. (روض الرياحين، ص. 58-59)

سُبْحٰنَ اللہ! ڇا شان آهي اولياءِ ڪرام جو...!! اولياءِ ڪرام جي  چوڻ جي ڇا اهميت آهي؟ انهن جي الله پاڪ جي بارگاھ ۾ ڇا عزت آهي، ان جو اندازو هن حديث شريف مان لڳايو! الله پاڪ جي آخري نبي، مڪي مدني صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم ارشاد فرمايو: الله پاڪ جي ٻانهن مان ڪي اهڙا به آهن جو جيڪڏهن اهي ڪنهن ڪم تي الله پاڪ جو قسم کڻن ته الله پاڪ ان جو قسم ضرور پورو ڪندو آهي.[1]

گفتۂ اُو گفتۂ اللہ بَوَد                                                                                                                                    گرچہ از حلقومِ عبد اللہ بَوَد

مفهوم: وليَ جي چيل ڳالھ حقيقت ۾ الله پاڪ ئي جو چوڻ هوندو آهي.

   بهرحال پيارا اسلامي ڀائرو! اسان کي گهرجي ته الله پاڪ مال عطا فرمايو آهي، نعمتون ڏنيون آهن، انهن جي ذريعي دنيا نه بلڪه آخرت ڪمايون، پنهنجي آخرت ئي جي فڪر ڪيون. ڇوته حقيقي نعمت اهائي آهي جيڪا آخرت جي آرام جو ذريعو بڻجي وڃي.

 انسان جو اصل مال

حضرت مُطْرَف رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه پنهنجي والِد کان روايت ڪن ٿا، اهي فرمائن ٿا: مان هڪ ڏينهن بارگاھِ رسالت ۾ حاضِر ٿيس، رسول اڪرم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ سوره
اَلْہٰکُمُ التَّکَاثُرُ  جي تلاوت فرمائي رهيا هئا، پاڻ ڪريمن صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ فرمايو: انسان چوندو آهي: منهنجو مال! منهنجو مال! اي اِبنِ آدم! تنهنجو مال اهو ئي آهي جيڪو تو کائي فنا ڪري ڇڏيو، پائي پراڻو ڪري ڇڏيو، يا صدقو ڏئي اڳتي


 

 



[1] بخاری، کتاب التفسیر، باب یٰۤاَیُّهَا الَّذِیْنَ اٰمَنُوْا كُتِبَ...الخ، صفحہ:1116، حدیث:4500۔