Qaroon Ko Naseehat

Book Name:Qaroon Ko Naseehat

خوشي جا ٻه قسم آهن

پيارا اسلامي ڀائرو! هن مقام تي هڪ ڳالھ ذهن ۾ ويهاري ڇڏيو! ڪا نعمت ملڻ تي اسان کي جيڪا خوشي ٿيندي آهي، اها خوشي ٻه قسمن جي هوندي آهي (1): هڪ فخريه خوشي ڪرڻ مثلاً * مان هيترو مالدار آهيان * منهنجو بينڪ بيلنس وڌيڪ آهي * مون وٽ ڪوٺيون وڌيڪ آهن * مان هيترين گاڏين ۾ گهمندو آهيان، هي فخر ڪرڻ، آڪڙ ڪرڻ حرام آهي. (2) ۽ ٻي خوشي شڪراڻي جي هوندي آهي (مثلً نعمت ملي * دل نرم ٿي وئي *  دل ۾ شڪر جا جذبات پيدا ٿي رهيا آهن. * بيهي بيهي خيال اچي رهيو آهي: افسوس! مان ته نڪمو آهيان *  منهنجي ربّ مون تي ڪيترو ڪرم ڪيو * مون کي اهڙين نعمتن کان نوازي ڇڏيو * هاڻي ٻانهو خوش ٿي رهيو آهي * خوشي ۾ مال ورهائي رهيو آهي * ڏکارن جا ڏک ونڊي رهيو آهي. *  ربّ جي راھ ۾ خرچ ڪري رهيو آهي * ديني محفلون سجائي رهيو آهي *  نيڪ ڪم ڪري رهيو آهي * بهرحال ان جي دل ۾ شڪر جا جذبات آهن ۽ اهو نعمت ملڻ تي ان شڪر جي جذبي ۾ خوش ٿي رهيو آهي) هي جيڪا خوشي آهي، اها عبادت آهي. الله پاڪ فرمائي ٿو:

قُلْ بِفَضْلِ اللّٰهِ وَ بِرَحْمَتِهٖ فَبِذٰلِكَ فَلْیَفْرَحُوْاؕ-ترجموڪنزالعرفان:تون فرماءِ الله جي ئي فَضۡل ۽ سندس رَحۡمَت تي 
جڳائي ته خوشي ڪن. (پارہ:11، یُونُس:58)

اي عاشقانِ رسول! اسان کي گهرجي ته اسان هميشه جي لاءِ اها ڳالھ پنهنجي دل ۾ ويهاري ڇڏيون، پنهنجي هي عادت بڻائي ڇڏيون ته ننڍي کان ننڍي نعمت ملي يا وڏي کان وڏو انعام ملي وڃي * ڪڏهن به نعمت ملڻ تي آڪڙ نه ڪيون* فخر نه ڪيون * غرور نه ڪيون بلڪ * شڪر بجاآڻيندي