Qaroon Ko Naseehat

Book Name:Qaroon Ko Naseehat

نمازِ فجر جي لاءِ بيدار ڪندا ها۔ ان عادت جي ڪري هو ”ديپالپور“ ۾ مشهور ها۔ هڪ ڀيري فيصل آباد کان گھر موٽي رهيا ها۔ عشاء جي نماز جو وقت ٿيڻ تي گاڏي روڪي نمازِ عشاء ادا ڪئي، پوءِ اڳتي روانا ٿيا، گاڏي تيز رفتاري سان وڃي رهي هئي ته اوچتو چاچي محمد رفيق عطاري بلند آواز سان ڪلمو پاڪ پڙھيو ۽ فرمايو سڀ ڪلمو پڙھو۔ سڀني ڪلمي شريف جو ورد شروع ڪيو، اڃا ڪجھ ئي دير گذري هئي جو گاڏي کي اوچتو هڪ زور دار جھٽڪو لڳو ۽ کائي ۾ ڪري پئي۔ ٻيا ماڻهو معمولي زخمي ٿيا پر محمد رفيق عطاري کي شديد زخم رسيا، شديد تڪليف جي باوُجود سندن زبان تي بلند آواز سان ڪلمو شريف جاري هو ۽ ما شَآءَ الله! قسمت ڏسو! ڪلمو پڙھندي پڙھندي ئي دُنيا مان موڪلائي ويا.

 فضل وکرم جس پر بھی ہوا، لب پر مرتے دَم کلمہ                     جاری ہوا، جنت میں گیا، لَااِلٰہَ اِلَّااللہ

صَلُّوا عَلَی الْحَبیب!                                               صَلَّی اللّٰہُ عَلٰی مُحَمَّد

مدني قاعده (Madani Qaida) موبائل ايپليڪيشن

   پيارا اسلامي ڀائرو! قرآنِ ڪريم جو فيضان عام ڪرڻ جي لاءِ دعوتِ اسلامي جي I.T ڊيپارٽمنٽ هڪ موبائل ايپليڪيشن به جاري ڪئي آهي، جنهن جو نالو آهي: مدني قاعده (Madani Qaida). هن ايپليڪيشن ۾ مڪمل مدني قاعدو ۽ ان جي آڊيو (Audio) شامل ڪئي وئي آهي يعني هن ايپليڪيشن ۾ توهان مدني قاعدي جي جنهن اکر يا جنهن لفظ تي ڪلڪ (Click) ڪندا، آڊيو (Audio) ۾ ان جو تَلَفُّظ هلندو، ايئن هن ايپليڪيشن جي مدد سان آسانيءَ سان مدني قاعدو پڙهي ڪري، ان جي مشق (Practice) ڪري درست مخارج ۽