Qaroon Ko Naseehat

Book Name:Qaroon Ko Naseehat

ترجمو ڪنزالعرفان: پوءِ جيڪو هڪ ذري برابر ڀلائي ڪري اهو ان کي ڏسندو. ۽ جيڪو هڪ ذري برابر برائي ڪري اهو ان کي ڏسندو.[1]

الله اڪبر! پيارا اسلامي ڀائرو! هي آهي صدقي جي برڪت ۽ ڪنجوسي جو وبال.....!! الله پاڪ مال ڏنو آهي، ان کي پاڻ تائين محدود نه رکو! خوب صدقو ڪيو! زڪوات، صدقهءِ فطر ادا ڪرڻ، نفلي صدقا ڏيڻ. غريبن مسڪينن سان همدردي ڪرڻ ۽ بي سهارن جو سهارو بڻجڻ جي ڪوشش فرمايو!

صدقي جا فضائل

سيپاري 2، سُوره بَقَرَه، آيت:245 ۾ ارشاد آهي:

مَنْ ذَا الَّذِیْ یُقْرِضُ اللّٰهَ قَرْضًا حَسَنًا فَیُضٰعِفَهٗ لَهٗۤ اَضْعَافًا كَثِیْرَةًؕ-

ترجموڪنز الايمان:  آهي ڪو جيڪو الله کي قرض حسنه ڏئي ته الله ان کي تمام گهڻو وڌائي ڏئي.

 حضرت عثمان نَهدي رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه تابعي بزرگ آهن، پاڻ رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه کي ڪنهن ٻڌايو ته حضرت ابو هريره رَضِىَ اللهُ عَنْه فرمائن ٿا: مومن ٻانهن کي هڪ نيڪي جي بدلي 10 لک نيڪيون ملنديون۔ (يعني جيڪڏهن هڪ روپيو راھ خدا ۾ صدقو ڪيو وڃي ته ثواب ۾ اهو 10 لک ڀيرا وڌيڪ ٿيندو)۔ حضرت عثمان نَهدي رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه مدينه منوره حاضِر ٿيا ۽ حضرت ابو هريره رَضِىَ اللهُ عَنْه کان پڇيائون: ڇا اوهان اهو ارشاد فرمايو آهي؟ حضرت ابو هريره رَضِىَ اللهُ عَنْه جن فرمايو: مون اهو ناهي چيو، مون ته اهو چيو هو: الله پاڪ مومن ٻانهي کي هڪ نيڪي جي بدلي 20 لک ڀيرا وڌيڪ عطا فرمائيندو آهي.[2]


 

 



[1] پارہ:30، اَلْزِلْزَال:7، 8

[2] رُوْحُ الْمَعَانِیْ، پارہ:2، تحت الآیۃ:245، جلد:1، صفحہ:757۔