Qaroon Ko Naseehat

Book Name:Qaroon Ko Naseehat

آہ! طُغیانیاں گناہوں کی              پار نیّا مِری لگا یارب

نفس و شیطان ہوگئے غالب                                         ان کے چُنگل سے تُو چُھڑا یارب

حِرصِ دنیا نکال دے دل سے                                                                                      بس رہوں طالبِ رضا یارب([1])

صَلُّوْا عَلَی الْحَبِیْب! صَلَّی اللہُ عَلٰی مُحَمَّد

  قارون کي پنج نصيحتون

پيارا اسلامي ڀائرو! قرآن ڪريم ۾ ڪجھ مقامن تي عبرت جي لاءِ  قارون جو ذڪر ڪيو ويو آهي. سيپارو 20، سورت قصص، آيت نمبر 76 ۽ 77 ۾ الله پاڪ ارشاد فرمائي ٿو:

اِنَّ قَارُوْنَ كَانَ مِنْ قَوْمِ مُوْسٰى فَبَغٰى عَلَیْهِمْ۪-وَ اٰتَیْنٰهُ مِنَ الْكُنُوْزِ مَاۤ اِنَّ مَفَاتِحَهٗ لَتَنُوْٓاُ بِالْعُصْبَةِ اُولِی الْقُوَّةِۗ-اِذْ قَالَ لَهٗ قَوْمُهٗ لَا تَفْرَحْ اِنَّ اللّٰهَ لَا یُحِبُّ الْفَرِحِیْنَ(۷۶) وَ ابْتَغِ فِیْمَاۤ اٰتٰىكَ اللّٰهُ الدَّارَ الْاٰخِرَةَ وَ لَا تَنْسَ نَصِیْبَكَ مِنَ الدُّنْیَا وَ اَحْسِنْ كَمَاۤ اَحْسَنَ اللّٰهُ اِلَیْكَ وَ لَا تَبْغِ الْفَسَادَ فِی الْاَرْضِؕ-اِنَّ اللّٰهَ لَا یُحِبُّ الْمُفْسِدِیْنَ(۷۷)

ترجموڪَنزالعرفان: بيشڪ قارون موسيٰ جي قوم مان هو پوءِ ان قوم تي زيادتي ڪئي ۽ اسان کيس ايترا خزانا ڏنا هئا جن جون ڪنجيون (کڻڻ) هڪ طاقتور جماعت تي ڳريون هيون جڏهن ان کي سندس قوم چيو: آڪڙ نه ڪر، بيشڪ الله آڪڙ ڪندڙن کي پسند ناهي ڪندو. ۽ جيڪو مال توکي الله ڏنو آهي ان جي ذريعي آخرت جو گهر طلب ڪر ۽ دنيا مان پنهنجو حصو نه وسار ۽ احسان ڪر جيئن الله توتي احسان ڪيو آهي ۽ زمين ۾ فساد نه ڪر، بيشڪ الله فسادين کي پسند ناهي ڪندو.


 

 



[1]...وسائلِ بخشش، صفحہ:79، 81 ملتقطاً۔