Qaroon Ko Naseehat

Book Name:Qaroon Ko Naseehat

     پيارا اسلامي ڀائرو! چڱي نيت ٻانهي کي جَنّت ۾ پهچائي ڇڏيندي آهي! بيان ٻڌڻ کان پهريان ڪجھ سٺيون سٺيون نيتون ڪري وٺو، مان نيتون ڪرايان ٿو، اوهان دِل ۾ ارادو ڏسو ته اِنۡ شَآءَ الله چئي ان جو اظهار ڪريو: * عِلۡم دين سکڻ جي لاءِ سڄو بيان ٻڌندس * عِلمِ دين جو ادب ڪندي اَدَب سان ويهندس * بيان جا اَهم نڪتا (Points) لکي وٺندس * بيان جون جيتريون ڳالهيون ياد رهجي ويون، گھر وڃي گھروارن کي، ٻارن کي، دوست احباب کي ٻڌائي عِلم دِين ڦهلائڻ جو ثواب ڪمائيندس۔  

  قارون جو عبرتناڪ واقعو

پيارا اسلامي ڀائرو! قارون موسيٰ عَلَيۡهِ السَّلَام جو سؤٽ هيو* گهڻو مالدار هو * تمام خوبصورت به هو * آسماني ڪتاب تورات شريف جو تمام بهترين قاري به هو. * پوءِ ان کي مال عطا ڪيو ويو. * روايتن مطابق جڏهن قارون سوار ٿي نڪرندو هو ته ڪيئي خچرن تي سندس خزاني جون صرف ڄاٻيون رکيون وينديون هيون. ايترو مال ملڻ کان پوءِ قارون کي گهرجي ها ته الله پاڪ جي حضُور ۾ جهڪي ها، ان جو شڪر ادا ڪري ها پر هي بدبخت، بدباطن نڪتو، ان سرڪشي جي واٽ اپنائي ۽ منافق ٿي ويو. [1]

علماءِ ڪرام فرمائن ٿا: قارون حضرت موسيٰ عَلَيۡهِ السَّلَام سان حسد ڪندو هيو، جيئن ته ان بدبخت ڪجھ ماڻهن سان ملي ڪري پنهنجي هڪ الڳ جماعت بڻائي، ان هڪ عاليشان گهر تيار ڪرايو، اُن ۾ سون جو دروازو لڳرايو، ديوارن تي به سون جو ڪم ڪرايو. دروازو به سون جو لڳايو ۽ ان جي ديوارن تي به سون جو ڪم ڪيو ويو. بني اسرائيل جا ماڻهو صبح و شام ان وٽ حاضري ڀريندا، ماني کائيندا، ڳالهيون ٻڌائيندا ۽ قارون کي کلائيندا هئا.


 

 



[1] حاشیہ صاوی مع جلالین، پارہ:20، سورۂ قصص ، زیر ِآیت:76تا81، جلد:2، صفحہ: 300و303 ملتقطاً۔