Qaroon Ko Naseehat

Book Name:Qaroon Ko Naseehat

مال ۽ دولت کي گناھ ۾ خرچ ڪرڻ جو وبال

 پيارا اسلامي ڀائرو! هن ما معلوم ٿيو ته مال کي گناهن ۾ استعمال ڪرڻ وڏي هلاڪت جو سبب آهي. بيشڪ مال هڪ نعمت آهي ۽ ان نعمت جي متعلق به قيامت جي ڏينهن پڇيو ويندو. حديث پاڪ ۾ آهي: انسان قيامت جي ڏينهن ان وقت تائين پنهنجا پير نه کڻي سگهندو جيستائين 5 سوالن جا جواب نه ڏئي. (1) تو زندگي ڪيئن گذاري (2) جواني ڪهڙي طرح گذاري؟ (3) مال ڪٿان ڪمايو؟ ۽ (4) ڪٿي ڪٿي خرچ ڪيو؟ (5) پنهنجي علم جي مطابق ڪيستائين عمل ڪيو؟

پيارا اسلامي ڀائرو! هي غور جو مقام آهي. افسوس! اڄڪلھ بي حسي عام آهي، اسان مال حلال طريقي سان ڪمائي رهيا آهيون يا حرام ذريعي سان؟ ان ڳالھ جي فڪر گهٽ ئي ماڻهو ڪندا آهن. پوءِ اهو مال خرچ ڪٿي ڪري رهيا آهيون؟ ان جي فِڪۡر به ٿورن ماڻهن کي هوندي آهي.

الله پاڪ اسان کي فڪرِ آخرت نصيب فرمائي. پنهنجي آمدني ۽ خرچ جي متعلق محتاط رهڻ ضروري آهي. نه ته هي مال اسان کي جهنم ۾ وٺي وڃڻ جو سبب به بڻجي سگهي ٿو. الله پاڪ اسان کي مال ۽ دولت جي حرص کان بچڻ، الله پاڪ جيڪو مال عطا ڪيو آهي، ان جي ذريعي جنت حاصل ڪرڻ جي توفيق نصيب فرمائي. اٰمِين بِجَاهِ خَاتَمِ النَّبِيّٖن صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم

حبّ دُنیا سے تُو بچا یا رَبّ!                                                                                                         عاشقِ مصطفےٰ بنا یارَبّ!

آہ! طغیانیاں گُنَاہوں کی                                                                                                                      پار نیّا مری لگا یارَبّ!

نیم جاں کر دیا گُنَاہوں نے                                                                                                           مرضِ عصیاں سے دے شفا یارَبّ!