Qaroon Ko Naseehat

Book Name:Qaroon Ko Naseehat

ترجمو: يعني تو سڄي زندگي ڪمايو، جمع ڪيو، ان ۾ تنهنجو ڇا حصو آهي؟ ڪفن جون 2 چادرون، جنهن ۾ توکي ويڙهيو ويندو ۽ مردي کي لڳائي ويندڙ خوشبو!

صرف اهو ئي اسان جو حصّو آهي، ان جي مُتعلّق فرمايو ويو ته دنيا مان پنهنجو حصو نه وسار! يعني ڪفن کي ياد رک!

وہ ہے عیش و عشرت کا کوئی محل بھی                                                   جہاں تاک میں ہر گھڑی ہو اَجَل بھی

بس اب اپنے اِس جہل سے تُو نکل بھی                                         یہ جینے کا انداز اپنا بدل بھی

جگہ جی لگانے کی دنیا نہیں ہے                                                                                       یہ عبرت کی جا ہے تماشا نہیں

بادشاهن جا عبرتناڪ جملا

پيارا اسلامي ڀائرو! هي حقيقت آهي اسان هن دنيا ۾ جيڪو ڪجھ به ڪريون، جيترو به ڪجھ ڪمايون، جيترو به جمع ڪيون، آخر اسان وٽ ڇا بچندو؟ ڇا گڏ کڻي دنيا مان وينداسي؟ هڪ ڪفن...!!

جیتنے دُنیا سکندر تھا چلا

جب گیا دُنیا سے خالی ہاتھ تھا

  * خليفو عبدالملڪ بن مروان وڏي شان و شوڪت وارو بادشاھ هو، جڏهن ان جو آخري وقت آيو ته ڪنهن پڇيو: هن وقت اوهان پاڻ کي ڪيئن محسوس ڪري رهيا آهيو؟ عبدالملڪ بن مروان  چيو:  بلڪل ايئن ئي محسوس ڪري رهيو آهيان، جيئن قرآنِ ڪريم فرمايو آهي ته

وَ لَقَدْ جِئْتُمُوْنَا فُرَادٰى كَمَا خَلَقْنٰكُمْ اَوَّلَ مَرَّةٍ وَّ تَرَكْتُمْ مَّا خَوَّلْنٰكُمْ وَرَآءَ ظُهُوْرِكُمْۚ-