Qaroon Ko Naseehat

Book Name:Qaroon Ko Naseehat

موڪلي ڇڏيو۔ [1]

کر زمیں کے نیچے بھی جانے کی فکر          کام جو کرنے ہیں کر لے آج کل

اونچے اونچے یاں تَو بنوائے محلٍ                                                                                                     روشنئ قبر کا بھی سامان کر

باقي ڇا بچيو....؟

هڪ ڀيري الله پاڪ جي آخري نبي، رسولِ هاشمي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي گھر مبارڪ ۾ ٻڪري ذبح ڪئي وئي ۽ ان جو سڄو گوشت ورهايو ويو پر ڪنڌ وارو گوشت رکيو ويو، اُمُّ المؤمنين حضرت عائشه صديقه رَضِىَ اللهُ عَنْها فرمائن ٿيون: نبي اڪرم، نور مجسم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ تشريف فرما ٿيا، پڇيائون: مَابَقِیَ مِنْھَا اي عائشه! ٻڪري جي گوشت مان ڪيترو باقي بچيو آهي؟ مون عرض ڪيو: يا رَسُولَ الله صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ! سڄو گوشت ورهايو ويو، بَس ڪنڌ وارو گوشت باقِي آهي۔ پياري آقا، سردارِ انبياء صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جن فرمايو: بقِیَ کُلُّہَا غَیْرَ کَتِفْہَا سڄو گوشت بچي ويو آهي، ڪنڌ واري گوشت جو هڪ ٽڪرو(جيڪو تقسيم ناهي ٿيو) اهو نه بچي سگھيو۔[2] يعني جيڪو راھ خدا ۾ صدقوڏنو ويو، اهو باقي ۽ لازوال ٿي ويو ۽ جيڪو پنهنجي کائڻ جي لاءِ رکيو ويو اهو هضم ٿي فنا ٿي ويندو۔

هڪ عربي شاعِر وڏي خوبصورت ڳالھ ڪئي آهي:

اَنْتَ لِلْمَالِ اِذَا اَمْسَکْتَہٗ                                                                                                                                فَاِذَا  اَنْفَقْتَہ ٗ  فَالْمَالُ  لَکَ([3])

  جيستائين توهان مال کي بچائي رکو ٿا ته توهان مال جا هوندا آهيو، جڏهن راھ خدا ۾ خرچ ڪندا آهيو ته مال توهان جو ٿي ويندو آهي۔ يعني جيستائين مال اسان وٽ آهي، مال اسان جو نه آهي، اسان مال جا آهيون، اسان مال جي حفاظت ڪيون ٿا، هر وقت ڊپ رهندو آهي، جيب ۾ وڏي رقم هجي ته روڊ تان لنگھندي ڊپ ٿي رهيو هوندو آهي، وسوسا ايندا آهن ته هاڻي هتي ڪو ڦورو نه


 

 



[1] مُسْلم، کِتَابُ الزُّہْد، صفحہ:1133، حدیث:2958

[2] ترمذی، کتاب:صفۃ القیامۃ، صفحہ:586، حدیث:2470

[3]...احیاء العلوم و الدین، کتاب اذم البخل...الخ، بیان فضیلۃ السخاء، جلد:3، صفحہ:305۔