Qaroon Ko Naseehat

Book Name:Qaroon Ko Naseehat

هي 5 نصيحتون آهن جيڪي بني اسرائيل جي نيڪ مسلمانن قارون کي ڪيون، جيڪڏهن قارون اُنهن نصيحتن کي مڃي وٺي ها، انهن تي عمل ڪري ها ته بُري انجام کان بچي وڃي ها پر هي بدبخت هيو، سندس دل تي ڪاراڻ چڙهي وئي هئي، اُن بدانجام نيڪ مسلمانن جي هنن نصيحتن کي سنجيده نه ورتو، انهن پيارين پيارين نصيحتن کي هڪ ڪن کان ٻڌائين ۽ ٻي ڪن کان ڪڍي ڇڏيائين. پوءِ نتيجو ڇا نڪتو؟ هي بدبخت پنهنجي سرڪشي ۾ وڌندو ويو، وڌندو ويو، ايستائين جو حضرت موسيٰ عَلَيۡهِ السَّلَام جي گستاخي ڪري ويٺو ۽ زمين ۾ دٻايو ويو ۽ رهندي دنيا تائين عبرت جو نشان بڻجي ويو.

پيارا اسلامي ڀائرو! انهن پنج نصيحتن ۾ اسان سڀني جي لاءِ ۽ خاص ڪري مالدارن جي لاءِ گهڻو ڪجھ سبق آهي. اچو! انهن پنج نصيحتن جي ڪجھ وضاحت ٻڌون ٿا:

  (1) قارون کي پهرين نصيحت

نيڪ مسلمانن نصيحت ڪندي قارون کي چيو:

لَا تَفْرَحْ اِنَّ اللّٰهَ لَا یُحِبُّ الْفَرِحِیْنَ(۷۶)

ترجموڪنزالعرفان:  آڪڙ نه ڪر، بيشڪ الله آڪڙ ڪندڙن کي پسند ناهي ڪندو.[1]

يعني اي قارون...!! الله پاڪ توکي مال ڏنو آهي ته ان مال تي فخر و تڪبّر ڪرڻ، غرور ڪرڻ کان رڪجي وڃ، بيشڪ الله پاڪ تڪبّر ۾ اچي ڪري غرور ڪرڻ وارن کي پسند ناهي ڪندو.[2]


 

 



[1] پارہ:20، القصص:76

[2] تفسیرِ جلالین، پارہ:20، سورۂ قصص، زیرِ آیت:76، صفحہ:333بتصرف۔