Qaroon Ko Naseehat

Book Name:Qaroon Ko Naseehat

ترجمو ڪنزالعرفان: ۽ بيشڪ توهان اسان وٽ اڪيلا آيا جيئن اسان توهان کي پهريون ڀيرو پيدا ڪيو هو ۽ توهان پنهنجي پٺيان اهو سڀ مال ۽ متاع ڇڏي آيا جيڪو اسان توهان کي ڏنو هو.[1]

            هي آيت پڙهندي ئي ساھ پرواز ڪري ويو.[2]

* خليفو هارون الرشيد به نهايت رعب ۽ دٻدٻي وارو بادشاھ هو، جڏهن سندس موت جو وقت آيو ته ان پنهنجو ڪفن گهرايو ۽ ان کي ابتو سبتو ڪري باربار ڏسڻ لڳو، پوءِ هي آيت پڙهيائين:[3]

مَاۤ اَغْنٰى عَنِّیْ مَالِیَهْۚ(۲۸) هَلَكَ عَنِّیْ سُلْطٰنِیَهْۚ(۲۹)

ترجموڪنزالعرفان: منهنجو مال منهنجي ڪنهن ڪم نه آيو. منهنجو سڄو زور ويندو رهيو.[4]

* خليفو مُعۡتَصِم نهايت ظالم ۽ سخت دل بادشاھ هو، جڏهن ان جو آخري وقت آيو ته هي پنهنجي بستر تي تڙپندو هو ۽ باربار چوندو هو: لَوْ عَلِمْتُ اَنَّ عُمْرِی ھَکَذَا قَصِیْرٌ مَا فَعَلْتُ جيڪڏهن مون کي خبر هجي ها ته منهنجي عمر ايتري گهٽ آهي ته مان بادشاهي نه ڪيان ها.[5]

اي عاشقانِ رسول! غور فرمايو! هي بادشاهن جا عبرتناڪ جملا آهن، اهي بادشاھ جن زندگي عيش و عشرت ۾ گذاري، خزانن جا انبار سندن اختيار ۾ رهيا، خادمن ۽ خامياڻين جي سندن وٽ ڪا ڪمي نه هئي پر جڏهن دنيا مان


 

 



[1] پارہ:7، اَلْاَنْعام:94

[2] احیاء العلوم والدین، کتاب ذکر الموت وما بعدہ، باب فی کلام المحتضرین...الخ، جلد:4، صفحہ:582بتغیر

[3] احیاء العلوم احیاء العلوم والدین، کتاب ذکر الموت وما بعدہ، باب فی کلام المحتضرین...الخ، جلد:4، صفحہ:582بتغیر۔ والدین، کتاب ذکر الموت وما بعدہ، باب فی کلام المحتضرین...الخ، جلد:4، صفحہ:582بتغیر۔

[4] پارہ:29، اَلْحَاقَّۃ:28، 29

[5] احیاء العلوم والدین، کتاب ذکر الموت وما بعدہ، باب فی کلام المحتضرین...الخ، جلد:4، صفحہ:582بتغیر۔