Qaroon Ko Naseehat

Book Name:Qaroon Ko Naseehat

قارون جي انهن سڀني حرڪتن باوجود حضرت موسيٰ عَلَيۡهِ السَّلَام ان سان حُسن اخلاق وارو معاملو ڪندو هو پر هي هر وقت کين تڪليف ڏيندو هو، ان جي سرڪشي ۽ تڪبر ڏينهون ڏينهن وڌندو پئي ويو. آخرڪار جڏهن زڪوات جو حڪم نازل ٿيو ته حضرت موسيٰ عَلَيۡهِ السَّلَام قارون کي به زڪوات ڏيڻ جو حڪم ڏنو ته مال جي لالچ ۾ اچي ڪري ان بدبخت بي حيائي جي انتها ڪري ڇڏي. ان هڪ عورت کي رقم جي لالچ ڏئي هن ڳالھ تي راضي ڪيو ته اها الله پاڪ جي نبي حضرت موسيٰ عَلَيۡهِ السَّلَام تي بدڪاري جو الزام هڻي. اها عورت مال جي لالچ ۾ اچي ڪري هن وڏي گناھ جي لاءِ راضي ٿي وئي پر بني اسرائيل جي مجمعي ۾ حضرت موسيٰ عَلَيۡهِ السَّلَام جي سامهون اهڙو گهٽيا الزام حضرت موسيٰ عَلَيۡهِ السَّلَام تي هڻڻ جي ان کي جرئت نه ٿي ۽ ان خوفِ خدا جي سبب سڀ ڪجھ سچ سچ ٻڌائي ڇڏيو.

قارون جي ايڏي گهٽيا حرڪت کي ڏسي ڪري حضرت موسيٰ عَلَيۡهِ السَّلَام کي ڏاڍو ڏک ٿيو، پاڻ عَلَيۡهِ السَّلَام الله جي بارگاھ ۾ مٿو جهڪائي عرض ڪيو: اي الله پاڪ! جيڪڏهن مان تنهنجو سچو رسول آهيان ته قارون تي غضب نازل فرماءِ. حضرت موسيٰ عَلَيۡهِ السَّلَام جي هي دعا قبول ٿي ۽ حڪم ٿيو: اي موسٰي عَلَيۡهِ السَّلَام! زمين کي اوهان جي ڳالھ مڃڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي، اوهان ان کي جيڪو چاهيو حڪم ڏيو. جيئن ته حضرت موسيٰ عَلَيۡهِ السَّلَام زمين کي حڪم ڏنو ته زمين قارون، ان جي ساٿين ۽ سڄي خزاني کي پنهنجي اندر دٻائي ڇڏيو.[1]

حُبِّ دُنیا سے تُو بچا یارب                                                                                                               عاشقِ مُصطَفٰے بنا یارب


 

 



[1] حاشیہ صاوی مع جلالین، پارہ:20، سورۂ قصص ، زیر ِآیت:76تا81، جلد:2، صفحہ: 300تا303 ملتقطاً۔