Quran Ki Taseer

Book Name:Quran Ki Taseer

مصطفےٰ پر ہوا ہے یہ نازِل                                                                                                           اس میں ہر شے کا ہے بیاں شامل

سب سے افضل کتاب ہے قُرآں                                                                  واہ کیا بات پیارے قُرآں کی

صَلُّو ْا عَلَي الْحَبيب!                                                                                  صَلَّي الله عَلٰي مُحَمَّد

شرابي نوجوان  گهڙي کن ۾ سڌري ويو

علامه ابن جَوزي رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه لکن ٿا: هڪ عبادت گذار، نيڪ بُزرگ هو، اهو 40 سالن تائين(برِاعظم آفريڪا جي هڪ ملڪ) سوڊان جي هڪ غار ۾ رهي ڪري عبادت ڪندو رهيو. اهو فرمائي ٿو: هڪ ڀيرو مان غار جي اندر عبادت ۾ مصروف هيس، ايتري ۾ هڪ شخص آيو، ان وٽ کاڌو ۽ شراب هو، (شايد ان مون کي نه ڏٺو) ۽ هڪ ڪنڊ ۾ ويهي ماني کائڻ لڳو، کائڻ کان بعد جڏهن ان شراب جو ٿانءُ کنيو ته مون وڏي آواز سان قرآن ڪريم جي هي آيت تلاوت ڪئي.

اَلَمْ یَاْنِ  لِلَّذِیْنَ اٰمَنُوْۤا  اَنْ  تَخْشَعَ قُلُوْبُہُمْ  لِذِکْرِ اللّٰہِ 

ترجمو ڪنزالعرفان: ڇا ايمان وارن جي لاءِ اهو وقت نه آيو ته انهن جون دليون الله جي ياد لاءِ جهڪي وڃن. (پاره27،سورةالحديد:16)

ان نوجوان هيڏانهن هوڏانهن ڏٺو، ڪو نظر نه آيو، جيئن ته اُن ٻڌي اڻ ٻڌي ڪري ڇڏي ۽ شراب پيئڻ ۾ لڳي ويو، جيئن ان ٿانءُ کنيو ته مون وري اها ئي آيت تلاوت ڪئي. 

اَلَمْ یَاْنِ  لِلَّذِیْنَ اٰمَنُوْۤا  اَنْ  تَخْشَعَ قُلُوْبُہُمْ  لِذِکْرِ اللّٰہِ 

ترجمو ڪنزالعرفان: ڇا ايمان وارن جي لاءِ اهو وقت نه آيو ته انهن جون دليون الله جي ياد لاءِ جهڪي وڃن. (پاره27،سورةالحديد:16)

هن ڀيري ته قرآن ڪريم جا هي الفاظ ان جي دل تي تاثير جو تير بڻجي لڳا، ان