Quran Ki Taseer

Book Name:Quran Ki Taseer

اِن شَآءَ الله الکرِيم! دِل روشن ٿيندي، عشقِ رسول نصيب ٿيندو، محبتِ اِلٰهي نصيب ٿيندي ۽ دين ۽ دُنيا جون بي شُمار ڀلائيون هٿ اينديون۔ دعوتِ اسلامي جي 12 ديني ڪمن مان هڪ ديني ڪم مدني مذاڪرو به آهي۔

شيخِ طريقت، امير اهلسنت حضرت علامه مولانا ابوبلال محمد الياس عطار قادري رضوي ضيائي دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـهْ هر ڇنڇر جي رات عشاء جي نماز کان بعد مدني چينل تي براهِ راست (لائيو) سُوال جواب جو سلسلو ڪندا آهن، اوهان به مدني چينل تي پابندي سان مدني مذاڪرو ڏسڻ، ٻڌڻ جي ڪوشش ڪيو.

ماڊرن نوجوان جي توبه

منڊي بهاؤ الدين (صوبه پنجاب، پاڪستان) جي رهاڪو هڪ اسلامي ڀاءُ جي تحرير جو خلاصو آهي ته دعوتِ اسلامي جي ديني ماحول کان پهريان مان فيشن جي هلاڪت ڪندڙ وادين ۾ ڀٽڪي رهيو هئس۔ هر وقت دل و دماغ تي فيشن جو ڀوت سوار رهندو هو ۽ نيڪين کان پري دُنيا جي رنگينين ۾ گم ٿي زندگي برباد ڪري رهيو هئس۔ هڪ ڀيري هڪ مبلغ، دعوتِ اسلامي تحت ٿيندڙ آخري عشري جي اجتماعي اعتڪاف جي ڀرپور ترغيب ڏياري، پوءِ الله پاڪ جي فضل ۽ ڪرم سان مون کي اعتڪاف جي سعادت ملي، اجتماعي اعتڪاف جو پُرڪيف ماحول، پُرسوز بيان، سحرو افطار جا روحاني منظر تمام سٺا لڳا، وڌيڪ ڪرم اهو جو اميرِاهلسنّت دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـهْ جي علمي ۽ روحاني ’’مدني مذاڪرن‘‘ ۽ رقت انگيز دعائن دل مان گناهن جو مير صاف ڪري ڇڏيو۔ منهنجي گناهن سان ڀريل انڌيري زندگي ۾ عشقِ مصطفيٰ جي روشني ڦهلجي وئي۔ مون پنهنجي گناهن کان سچي توبه ڪئي ۽ امير اهلسنّت دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـهْ سان بيعت جو شرف حاصل ڪيو، اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه! ڏاڙھي شريف سان چهرو سجائي ورتو، مٿي تي عمامي