Quran Ki Taseer

Book Name:Quran Ki Taseer

هي قرآنِ ڪريم جا ٽي شان آهن:

(1): قرآنِ ڪريم حڪمت جو ڪتاب آهي.

پهريون شان اهو بيان ٿيو ته قرآنِ ڪريم حڪمت جو ڪتاب آهي * ناوِل
* ڊائجسٽ * ڪوڙيون ڪهاڻيون ۽ فضول قصا پڙهڻ سان ماڻهو نفسياتي مريض بڻجي ويندو آهي، پر قرآنِ پاڪ جو هي شان آهي جو * ان کي پڙهڻ سان * ان جي تلاوت ڪرڻ سان حڪمت ۽ دانائي نصيب ٿيندي آهي.

سڄي عمر جي لاءِ زبردست نصيحت

   حضرت زيد بن اَسۡلَم رَضِىَ اللهُ عَنْه کان روايت آهي، هڪ ڀيري هڪ شخص بارگاھِ رسالت ۾ حاضر ٿيو، پياري آقا، مڪي مدني مصطفٰي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ هڪ صحابي رَضِىَ اللهُ عَنْه کي فرمايو: ان (نئين اچڻ واري شخص) کي قرآنِ ڪريم سيکاريو...! ان صحابيءَ رَضِىَ اللهُ عَنْه هن شخص کي سورةِ زِلۡزَال سيکارڻ شروع ڪئي، جڏهن صحابي رَضِىَ اللهُ عَنْه سورةِ زِلۡزَال جي ستين آيت سيکاري ته ان شخص چيو: بس! مون کي ڪافي آهي. ان صحابي رَضِىَ اللهُ عَنْه بارگاھِ رسالت ۾ عرض ڪيو: يا رسولَ الله صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ! هن اڃان ست آيتون ئي سکيون آهن ۽ چئي ٿو: مون کي ڪافي آهي. پياري آقا، مڪي مدني مصطفٰي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جن فرمايو: هن کي ڇڏي ڏيو! هن کي فَقاهَت (يعني دين جي سمجھ) ملي وئي آهي.[1]

   سبحٰن الله! هي آهي قرآن جو شان...!! رڳو ست آيتون ئي پڙهيون، انهي سان فَقاهَت (يعني دين جي سمجھ) نصيب ٿي وئي.

(3-2) قرآن رحمت وارو ڪتاب ۽ هدايت وارو ڪتاب آهي

   پيارا اسلامي ڀائرو! سورةِ لُقمان جي آيتن ۾ قرآنِ ڪريم جي ٻئين خصوصيت هيءَ بيان ٿي ته قرآنِ ڪريم رحمت جو ڪتاب آهي. ناول ڊائجسٽ وغيره پرهڻ


 

 



[1]...تفسیر دُرِّ منثور، پارہ:30، سورۂ زلزال، جلد:8، صفحہ:596۔