Quran Ki Taseer

Book Name:Quran Ki Taseer

۽ حٰم اَلسَّجدة جي آيت نمبر 44:

لِلَّذِیْنَ اٰمَنُوْا ہُدًی وَّ شِفَآءٌ ؕ

 لکي ڪري عطا فرمائي جنهن جي برڪت سان ان جي اها بيماري ختم ٿي وئي.[1]

تعويذات ۾ برڪت آهي

   پيارا اسلامي ڀائرو!  معلوم ٿيو؛ بيمارين کان شفا وغيره جي لاءِ تعويذ پائڻ، ان مان فائدو وٺڻ بلڪل جائز آهي. ڪجهه روايتون آهن جن ۾ تَمائِم پائڻ کان منع ڪيو ويو آهي. ڪن ماڻهن کي اهي روايتون پڙهي ڪري غلط فهمي ٿئي ٿي. اصل ۾ تَمائِم الڳ شيءِ آهن، تعويذ الڳ شيءِ آهي. جاهليت جي دور ۾ غيرمسلم پنهنجن ڪوڙن معبودن جا نالا ۽ شرڪيه الفاظ وغيره لکي ڪري ڳچيءَ ۾ وجهندا هئا ۽ مختلف طريقن سان استعمال ڪندا هئا. انهن کي تَمائِم چيو ويندو هو. جڏهن ته تعويذ اهو هوندو آهي جنهن ۾ قرآني آيتون، الله پاڪ جا پاڪيزه نالا ۽ انهن جا اعداد ۽ دعائون وغيره لکيون وينديون آهن. ([2]) لهذا تَمائِم پائڻ يا ڪنهن به طرح ان جو استعمال هرگز درست نه آهي، جڏهن ته تعويذن جو استعمال نه صرف جائز آهي بلڪ مستحب (يعني پسنديده) ۽ برڪت وارو ڪم آهي. ([3])    

آياتِ شِفا پڙهڻ جي ترغيب  

   امام قُشَيري رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه کي خواب ۾ رسولِ اڪرم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي زيارت ٿي ته پياري آقا، مڪي مدني مصطفٰي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جن فرمايو: ڇو پريشان آهين؟ مون عرض ڪيو: منهنجو پٽ بيمار آهي، ان جي حالت نازڪ آهي. ارشاد


 

 



[1]... البرہان للزرکشی، النوع السابع والعشرون معرفۃ خواصہ، جز:1، جلد:1، صفحہ:285۔

[2]... لَمْعَاتُ الْتَّنْقِیح،کتاب اللباس، باب الخاتم، جلد:7، صفحہ:390، زیرِ حدیث:4397 بتصرف۔

[3]... مرقاۃ المفاتیح،کتابالطب و الروی، جلد:8، صفحہ:375، زیرِ حدیث:4554۔