Quran Ki Taseer

Book Name:Quran Ki Taseer

ڀلائي جي ڪمن ۾ خرچ ڪيو ويندو آهي. الله پاڪ قرآن ڪريم ۾ فرمائي ٿو:

وَ مَا  لَکُمْ   اَلَّا تُنْفِقُوْا فِیْ سَبِیْلِ اللّٰہِ وَ لِلّٰہِ مِیْرَاثُ السَّمٰوٰتِ وَ الْاَرْضِ ؕ

ترجمو ڪنزالعرفان: ۽ توهان کي ڇا (ٿيو) آهي جو توهان الله جي راھ ۾ خرچ نه ٿا ڪريو حالانڪه آسمانن ۽ زمين سڀ جو وارث الله ئي آهي.

 (سيپارو: 27، سورة حديد: آيت: 10)

   هن آيت جي  حوالي سان تفسير صراطُ الجنان ۾ آهي: توهان ڪهڙي سبب جي ڪري الله پاڪ جي راھ ۾ خرچ نه ڪري رهيا آهيو حالانڪه آسمانن ۽ زمين سڀني جو مالڪ الله پاڪ ئي آهي اهو ئي هميشه رهڻ وارو آهي جڏهن توهان هلاڪ ٿي ويندؤ ۽ توهان جا مالَ انهيءَ جي ملڪِيت ۾ رهجي ويندا ۽ توهان کي خرچ نه ڪرڻ جي صورت ۾ ثواب به نه ملندو، توهان جي لاءِ بهتر هي آهي ته توهان پنهنجو مال الله پاڪ جي راھ ۾ خرچ ڪري ڇڏيو ته جيئن ان جي بدلي ثواب ته ماڻي سگهو.[1]

دعوتِ اسلامی کی قَیُّوم، سارے جہاں میں مچ جائے دُھوم

اس پہ فِدا ہو بچہ بچہ یااللہ! مری جھولی بھر دے

صَلُّو ْا عَلَي الْحَبيب!                                                                                  صَلَّي الله عَلٰي مُحَمَّد

12 ديني ڪمن مان هڪ ديني ڪم: مدني مذاڪرو

پيارا اسلامي ڀائرو! عاشقانِ رسول جي صحبت ۾ رهڻ به عشقِ رسول وڌائڻ جو هڪ طريقو آهي، لهٰذا عاشقانِ رسول جي ديني تحريڪ دعوتِ اسلامي جي ديني ماحول سان وابسته ٿي وڃو، 12 ديني ڪمن ۾ وڌ کان وڌ حصو وٺو۔


 

 



[1] تفسیر صراط الجنان، پارہ:27، سورۂ حدید، زیرِ آیت:10، جلد:9، صفحہ:721۔