Quran Ki Taseer

Book Name:Quran Ki Taseer

سان نيڪيون ناهن ملنديون، انسان تي رحمت ناهي وسندي پر قرآنِ ڪريم اهو عظيم ڪتاب آهي، جنهن جي هڪ هڪ اکرَ تي 10، 10 نيڪيون ملنديون آهن، جڏهن ٻانهو قرآن پڙهندو آهي ته الله پاڪ جون رحمتون ڇماڇم ان تي وسنديون آهن. ۽ هن پاڪيزه ڪلام جي ٽئين خصوصيت هي بيان ٿي ته قرآنِ پاڪ هدايت جو ڪتاب آهي. هي تجربي جي ڳالھ آهي، جيڪو ٻانهو ناول ڊائجسٽ ۽ ڪوڙيون ڪهاڻيون پڙهڻ جو عادي هجي، اهو نفسياتي مريض ٿي ويندو آهي * اهو خيالي دنيا ۾ رهڻ لڳندو آهي * معاشري ۾ پنهنجو مثبت ڪردار ادا ناهي ڪري سگهندو * ان جي طبيعت ۾ تنگ مزاجي اچي ويندي آهي ۽ ان جي مقابلي ۾ اهو ٻانهو جيڪو قرآنِ ڪريم جي تلاوت جو عادي هجي، جيتوڻيڪ بنا سمجهڻ جي ئي قرآنِ پاڪ جي تلاوت ڪندو هجي * ان جي دل نرم ٿي ويندي آهي
* دل ۾ نيڪي جا جذبا پيدا ٿي ويندا آهن ان جي اخلاق ۽ ڪردار ۾ مثبت تبديلي اچي ويندي آهي * ان کي ظاهر ۽ باطن جي پاڪيزگي نصيب ٿي ويندي آهي ۽ اهو معاشري جو هڪ بهترين فرد بڻجي ڪري اڀرندو آهي. ۽ جيڪڏهن قرآنِ ڪريم کي سمجهي ڪري پڙهي، پوءِ ته واھ...!! سُبحان الله...!! اهڙي خوش نصيب جو ته شان ئي نرالو آهي.

گناھگار کي توبھ جي توفيق ملي وئي

   حضرت ابو هَاشم رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه فرمائن ٿا: هڪ ڀيري مان بصره وڃڻ جي لاءِ ٻيڙيءَ ۾ سوار ٿيس. ان ٻيڙيءَ ۾ هڪ مرد هو ۽ ان سان گڏ سندس ڪنيز (ٻانهي) هئي. جڏهن اسان ڪجھ اڳتي هلياسين ته ان مرد ٻانهي کي چيو: شراب کڻي اچ! اها شراب کڻي آئي، مرد پيئڻ لڳو ۽ ٻانهي گانو ڳائڻ لڳي. پوءِ ان شخص منهنجي طرف ڏٺو ۽ چيائين: ڇا توهان وٽ هن (گاني) جهڙو ڪجھ آهي؟ مون چيو: ها! مون وٽ اهو آهي جيڪو هن کان ڪيئي ڀيرا بهتر ۽ ڀلو آهي. ان چيو: ٻڌايو! مون هي آيتون تلاوت ڪيون: