Quran Ki Taseer

Book Name:Quran Ki Taseer

غزوهءِ بدر ۾ جيڪي غير مُسلم قيد ٿي ويا هئا. مان (مڪي وارن جي طرف کان) انهن قيدين جي باري ۾ ڳالھ ٻولھ ڪرڻ جي لاءِ مديني پاڪ آيس. مغرب جي وقت اتي پهتس، پيارا آقا، مڪي مدني مصطفٰي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ مغرب جي نماز پڙهائي رهيا هئا، پاڻ ڪريم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جو آواز مبارڪ مسجد کان ٻاهر به ٻڌڻ ۾ اچي رهيو هو، سندن سورتِ والطّور جي تلاوت فرمائي، مان به قرآنِ پاڪ جي تلاوت ٻڌڻ لڳس (زبان محبوبِ خُدا جي هئي، ڪلام ربِّ رحمٰن جو هو، بس پوءِ ڇا ٿيو: اهڙو پيارو آواز، اهڙو پُر تاثير ڪلام منهنجي دل ۾ لهڻ شروع ٿيو). ان دوران پاڻصَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جن هي آيتون پڙهيون:

اِنَّ عَذَابَ رَبِّکَ  لَوَاقِعٌ ۙ(۷) مَّا لَہٗ  مِنْ  دَافِعٍ ۙ(۸)

 ترجمو ڪنزالعرفان: بيشڪ تنهنجي ربَّ جو عذاب ضرور واقع ٿيڻ وارو آهي ان کي ڪو ٽارڻ وارو ناهي. (سيپارو: 27، الطّور: 7، 8)

   هنن آيتن کي ٻڌي ڪري منهنجي دل ائين ٿي وئي جيئن هاڻي ڦاٽي پوندي. مونکي ائين لڳي رهيو هو ته مان هتان کان قدم به نه کڻي سگهندُس، ان کان پهريان ئي مون تي عذاب نازل ٿي ويندو. سو مون الله پاڪ جي عذاب کان ڊڄي ڪري انهيءَ وقت ايمان قبول ڪري ورتو.[1]

آں کِتَابِ زِنْده قرآنِ حَکِیم                                                                            حِکْمَتِ اُو لایَزَال اَسْت وَ قَدِیم

مفهوم: هي قرآنِ پاڪ زندھ هميشه رهڻ وارو ڪتاب آهي، هن ۾ بيان ڪيل تعليمات، قيامت تائين جي تمام مسئلن جي حل جي لاءِ ڪافي به آهن ۽ بهتر به آهن.

قرآنِ ڪريم جون چند خاصيتون

  پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! قرآن الله پاڪ جو ڪلام آهي هن ۾ عجيب تاثير آهي * هي پياريو ڪلام دلين کي نرم ڪندو آهي * ڀٽڪيلن کي هدايت جي واٽ


 

 



[1]...صراط الجنان، پارہ:27، سورۂ طور، زیرِ آیت:8،جلد:9، صفحہ:518، 519۔