Quran Ki Taseer

Book Name:Quran Ki Taseer

قرآنِ ڪريم شفا آهي

   اي عاشقانِ رسول! قرآنِ ڪريم جهڙيءَ طرح روحاني بيمارين جي لاءِ شفا آهي، ائين ئي ظاهري بيمارين جي لاءِ به بهترين علاج آهي. الله پاڪ فرمائي ٿو:

وَ نُنَزِّلُ مِنَ الْقُرْاٰنِ مَا ہُوَ شِفَآءٌ وَّ رَحْمَۃٌ  لِّلْمُؤْمِنِیْنَ ۙ

 ترجمو ڪنزالعرفان: ۽ اسان قرآن ۾ اها شيءِ نازل ڪيون ٿا جيڪا ايمان وارن جي لاءِ شفا ۽ رحمت آهي (سيپارو: 15، بني اسرائيل: 82)

    حضرت عبدُ الله بن عبّاس رَضِىَ اللهُ عَنْهما فرمايو: قرآنِ حڪيم هر مرض کان نجات ڏيڻ وارو آهي.[1]

بهترين دَوا قرآنِ ڪريم

   الله پاڪ جي آخري نبي، رسولِ هاشمي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جن فرمايو: خَیْرُالدَّوَاءِ اَلْقُرْاٰنُ يعني بهترين دَوا قرآنِ ڪريم آهي.[2]

پيارا آقا  صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ دَم ڪندا هئا

   الحمد لله! پياري آقا، مڪي مدني مصطفٰي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي به معمولات مان آهي ۽ صحابهءِ ڪرام رَضِىَ اللهُ عَنْهم، وڏن وڏن ولين سڳورن رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْهم ۽ تقريباً ساڍن 14 صدين کان اُمّت جي مُجربات (تجربو ڪيل ڪمن) مان آهي ته قرآني آيتون پڙهي ڪري دَم ڪيون وڃن ته الله پاڪ شفا عطا فرمائيندو آهي. مسلمانن جي ماءُ حضرت عائشه صديقه رَضِىَ اللهُ عَنْها فرمائن ٿيون: پاڻ سڳورن صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي اهلِ خانه مان جڏهن ڪو بيمار ٿيندو هو ته پاڻ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ مُعَوَّذَات (يعني سورةُ الفلق ۽ سورةُ الناس) پڙهي ڪري ان تي دَم ڪندا هئا.[3]


 

 



[1]...الحدیقۃ الندیہ، الباب الاول...الخ،الفصل الاول...الخ، النوع الاول...الخ، جلد:1، صفحہ:156۔

[2]...ابن ماجہ، كتاب الطب، باب الاستشفاء بالقرآن،صفحہ:567، حدیث :3501۔

[3]... مسلم،کتاب السلام،باب رقیۃ المریض ...الخ،صفحہ:866،حدیث:2192۔