Quran Ki Taseer

Book Name:Quran Ki Taseer

صحابيءِ رسول دَم ڪيو

   هڪ ڀيري هڪ صحابي رَضِىَ اللهُ عَنْه  وڇون جي ڏنگڻ تي سورةِ فاتحه پڙهي ڪري دَم ڪيو، الله پاڪ ان کي شفا عطا فرمائي.[1] هڪ صحابي رَضِىَ اللهُ عَنْه   جي قبيلي ۾ هڪ چريو شخص هو، جنهن کي ماڻهو زنجيرن سان ٻڌي ڪري رکندا هئا، صحابيءِ رسول رَضِىَ اللهُ عَنْه 3 ڏينهن صبح ۽ شام 3، 3 ڀيرا سورةِ فاتحه پڙهي ڪري دَم ڪيو، الله پاڪ ان کي چريائپ کان شفا عطا فرمائي ڇڏي.[2]

فاروقِ اعظم تعويذ ڏنو

  قيصرِ روم (روم جو بادشاھ) مسلمانن جي ٻئين خليفي حضرت عمر فاروقِ اعظم رَضِىَ اللهُ عَنْه کي خط لکيو ته مونکي هميشه مٿي جي سور جي شڪايت رهي ٿي جيڪڏهن توهان وٽ هن جي دوا هجي ته موڪليو! حضرت عمر فاروقِ اعظم رَضِىَ اللهُ عَنْه ان کي هڪ ٽوپي موڪلي، قيصرِ روم ان کي پائيندو هو  ته ان جي مٿي جو سور هليو ويندو هو ۽ جڏهن مٿي تان لاهيندو هو ته مٿي جو سور ٻيهر موٽي ايندو هو. ان کي وڏو تعجب ٿيو. آخر ڪار ان ٽوپيءَ کي کوليو ته ان ۾ هڪ ڪاغذ نڪتو جنهن تي بِسْمِ اللہِ الرَّحْمٰنِ الرَّحِیْم لکيل هئي.[3]

نيڪ ماڻهو به دَم ڪندا هئا

   امام شافِعي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه کي هڪ شخص پنهنجي اکين جي بيماري جي شڪايت ڪئي ته پاڻ ان کي بِسْمِ اللہِ الرَّحْمٰنِ الرَّحِیْم سان گڏ سورتِ ق جي آيت نمبر: 22

فَکَشَفْنَا عَنْکَ غِطَآءَکَ فَبَصَرُکَ الْیَوْمَ حَدِیْدٌ (۲۲)


 

 



[1]...بخاری،کتاب الطب،باب الرقی بفاتحۃ الکتاب،صفحہ:1450،حدیث: 5736ملخصاً۔

[2]...ابوداؤد،کتاب الطب،باب کیف الرقی،صفحہ:613،حدیث:،3697،3696 خلاصۃً۔

[3]... تفسیرِ کبیر، الباب الحادی عشر فی بعض النکت...الخ، جلد:1، صفحہ:155۔