Quran Ki Taseer

Book Name:Quran Ki Taseer

اَلۡـحَـمۡـدُ لِـلّٰـہِ رَبِّ الۡـعٰـلَـمِیۡنَ وَ الـصَّـلٰـوۃُ وَ الـسَّـلَامُ عَـلٰی سَـیِّـدِ الۡـمُـرۡ سَـلِـیۡنَ

اَمَّـا بَــعۡـدُ فَـاَعُـوۡذُ بِـا لـلّٰـہِ مِـنَ الـشَّـیۡـطٰنِ الـرَّجِیۡمِؕ بِـسۡمِ الـلّٰـہِ الـرَّحۡـمٰنِ الـرَّحِـیۡمِؕ

وَعَلٰي اٰلِكَ وَاَصۡحٰبِكَ يَا حَبِيۡبَ اللّٰه                                                                                                            اَلصَّلٰوةُ وَالسَّلَامُ عَلَيۡكَ يَا رَسُوۡلَ اللّٰه

وَعَلٰي اٰلِكَ وَاَصۡحٰبِكَ يَا نُوۡرَ اللّٰه                                                                                                                        اَلصَّلٰوةُ وَالسَّلَامُ عَلَيۡكَ يَا نَبِيَّ اللّٰه

نَوَيۡتُ سُنَّتَ الۡاِعۡتِكَاف (ترجمو: مون سنّتِ اعتڪاف جي نيّت ڪئي) 

دُرود شريف جي فضيلت

   هڪ بزرگ گذريا آهن: شيخ ابو حَفۡص ڪاغذي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه. جڏهن سندن انتقال ٿيو ته ڪجھ ڏينهن کان بعد پنهنجي ڪنهن دوست جي خواب ۾ تشريف وٺي آيا، دوست پڇيو: ڪهڙو حال احوال آهي؟ قبر ۾ ڇا گذري؟ فرمايائون: مون تي وڏو ڪرم ٿيو، واقعو هيئن پيش آيو جو جڏهن قبر ۾ دفن ڪيو ويو ته مُنڪر نَڪِير (يعني قبر ۾ سوال پڇڻ وارا ملائڪَ) پهچي ويا، انهن مون کي اٿاري ويهاريو ۽ سوال پڇڻ لڳا، اوتري ۾ الله پاڪ جو فرمان آيو: اي ملائڪو! ترسو...!! ملائڪ رڪجي ويا. هاڻي حڪم ٿيو: هن ٻانهي جا گناھ ڳڻيو! ملائڪن منهنجا گناھ شُمار ڪيا، هاڻي ته مان ڊڄي ويُس ته ايترن گناھن هوندي مان ڪيئن بخشيون ويندُس. هوڏانهن ملائڪن کي حڪم ٿيو: هن ٻانهي دنيا ۾ اسان جي محبوبصَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ تي جيڪي دُرود شريف پڙهيا آهن، هاڻي انهن کي ڳڻيو! ملائڪن منهنجا پڙهيل دُرودِ پاڪ ڳڻڻ شروع ڪيا. خوش قِسمتي سان منهنجا پڙهيل دُرودِ پاڪ گناھن کان گهڻا هئا. سو الله پاڪ فرمايو: بَس اي ملائڪو ڪافي آهي. هن جو وڌيڪ حساب نه ڪيو!هن کي منهنجي جنّت ۾ وٺي وڃو...![1]

قربِ خُدا ہو حاصِل جنّت میں ہو وہ دَاخِل

جس نے لکھا پڑھا ہے صَلِّ عَلیٰ مُحَمَّد


 

 



[1]... القولُ الْبدِیْع،صفحہ:124۔