Quran Ki Taseer

Book Name:Quran Ki Taseer

ڏيندو آهي * قرآنِ ڪريم ۾ اڳين پٺين جون خبرون آهن * قرآنِ ڪريم ۾ توهان جي هڪٻئي جا فيصلا آهن * هي الله پاڪ جي مضبوط رسي آهي * هي حڪمت وارو ڪلام آهي * حديثِ پاڪ ۾ آهي: جيڪو ظالم قرآنِ ڪريم کي ڇڏي ڏيندو، الله پاڪ ان کي تباھ ڪري ڇڏيندو * ۽ جيڪو قرآنِ ڪريم کان علاوه ڪٿي ٻئي پاسي کان هدايت ڳوليندو، الله پاڪ ان کي گمراھ ڪري ڇڏيندو * قرآنِ ڪريم حڪمت وارو ذڪر آهي * قرآنِ ڪريم سڌو رستو آهي * قرآنِ ڪريم جي برڪت سان خواهشون مٽجنديون آهن * قرآنِ ڪريم جا عجائبات ختم ناهن ٿيندا * جيڪو قرآنِ ڪريم جي مطابق ڳالھ ڪري، اهو سچو آهي * جنهن قرآنِ ڪريم تي عمل ڪيو، اهو ثواب ماڻيندو * جيڪو قرآنِ ڪريم جي مطابق فيصلو ڪري، اهو انصاف ڪرڻ وارو هوندو * ۽ جيڪو قرآنِ ڪريم جي طرف سڏي، ضرور اهو سڌي واٽ جي طرف سڏڻ  وارو هوندو.[1]

قرآنِ ڪريم جي ٻين ڪتابن تي فضيلت

   الله پاڪ جي آخري نبي، مڪي مدني صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ فرمايو: جهڙيءَ طرح الله پاڪ پنهنجي تمام مخلوق کان افضل آهي، ائين ئي الله پاڪ جو ڪلام به باقي تمام ڪلامن کان افضل ۽ اعليٰ آهي.[2]

ہر روز میں قرآن پڑھوں کاش! خُدایا                                    اللہ! تِلاوت میں مِرے دِل کو لگا دے

قرآنِ ڪريم ۽ ٻين ڪتابن ۾ فرق

   هڪ غير مُلسم هو: نَضَر بن حارِث. مڪي شريف جو رهاڪو هو. هڪ ڀيري اهو تجارت جي لاءِ مُلڪِ شام وغيره ويو ته اتان کان ڪهاڻين جا ڪتابَ وٺي آيو. مڪي پاڪ ۾ اچي ڪري اهو ماڻهن کي قصا ڪهاڻيون ٻڌائڻ لڳو ۽ اهو بدبخت


 

 



[1]...ترمذی، کتاب فضائل القرآن، باب ماجاء فی فضل القرآن، صفحہ:675، حدیث:2906۔

[2]...ترمذی، کتاب فضائل القرآن، صفحہ:679، حدیث:2926۔