Quran Ki Taseer

Book Name:Quran Ki Taseer

شعبي روحاني علاج جو تعارف

   اَلحَمۡدُلله! دعوت اسلامي جي شعبي روحاني علاج جي تحت ڏکايل مسلمانن جو امير اهل سنت مولانا محمد الياس عطار قادري رضوي  دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـهْ جي عطا ڪيل اوراد و وظائف ۽ تعويذات جي ذريعي مفت علاج ڪيو ويندو آهي، پڻ اِستخارو ڪرڻ جو سلسلو به آهي، روزانو هزارين مسلمان ان مان فائدو وٺندا آهن، اَلحَمۡدُلله! دعوت اسلامي جي آئي ٽي ڊيپارٽمنٽ هڪ موبائل ايپلي ڪيشن بنام(Online Rohani Ilaj & Istikhara)  به لانچ ڪئي آهي. * جنهن جي ذريعي آن لائن استخارو ڪرائڻ جي سهولت به موجود آهي. * وڌيڪ هي ته روزانو پڙهيا ويندڙ آسان وظيفا شامل آهن * پريشانين ۽ مشڪلات کان ڇوٽڪارو ماڻڻ جي لاءِ 40 روحاني علاج *  الله پاڪ جي ڪجھ صفاتي نالن مان حاصل ٿيڻ واريون برڪتون * بيماري کان شفا ماڻڻ جو وظيفو وغيره هن ايپلي ڪيشن ۾ شامل آهي. اوهان به هن ايپلي ڪيشن کي پنهنجي موبائل ۾ ڊائون لوڊ ڪيو! پاڻ به فائدو کڻو ۽ ٻين کي به ترغيب ڏيارو!

تلاوت جي عادت بڻايو!

 پيارا اسلامي ڀائرو! رمضان المبارڪ برڪتن وارو مهينو جاري آهي جنهن ۾ نيڪي ڪرڻ جو ثواب 70 ڀيرا وڌي ويندو آهي، ان ۾ قرآن ڪريم جي تلاوت جي ڇا ته ڳالھ آهي عام ڏينهن ۾ قرآن ڪريم جو هڪ لفظ پڙهو ته 10 نيڪيون ملنديون آهن ۽ رمضان المبارڪ ۾ ان جو ثواب وڌي ويندو آهي. ڪاش! اسان قرآن ڪريم جي تلاوت کي پنهنجو معمول بڻايون، روايتن جي مطابق * تلاوتِ قرآن افضل عبادت آهي.[1] * قرآن ڪريم جو هڪ لفظ پڙهڻ تي 10 نيڪين جو ثواب ملندو آهي.[2] * قرآن پڙهڻ سان رحمت لهندي آهي، ملائڪ پَرن سان سايو


 

 



[1] كنز العمال، کتاب الاذکار، الباب السابع فی ...الخ، جزء:1،جلد:1، صفحہ:257، حدیث:2261۔

[2] ترمذی، کتاب فضائل القرآن، باب ماجاء فی من قراء...الخ، صفحہ:676، حدیث:2910۔