Quran Ki Taseer

Book Name:Quran Ki Taseer

جو تاج سجايو ۽ سنّتن ڀري زندگي گذارڻ جي لاءِ دعوتِ اسلامي جو ديني ماحول اختيار ڪري ورتو۔

صَلُّوۡا عَلَى الۡحَبِيۡب                                                    صَلَّى اللّٰهُ عَلٰى مُحَمَّد

    پيارا اسلامي ڀائرو! بَيان کي اِختِتام ڏانهن آڻيندي سُنّت جي فضيلت، ڪجھ سُنّتون ۽ آداب بَيان ڪرڻ جي سَعادَت حاصِل ڪيان ٿو۔ تاجدارِ رسالت، شَهنشاھ نُبُوت صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم فرمايو: مَنْ اَحَبَّ سُنَّتِی فَقَدْ اَحَبَّنِی وَمَنْ اَحَبَّنِی كَانَ مَعِیَ فِی الْجَنَّةِ جنهن منهنجي سُنّت سان مَحَبَّت ڪئي ان مون سان مَحَبَّت ڪئي ۽ جنهن مون سان مَحَبَّت ڪئي اهو جنّت ۾ مون سان گڏ هوندو۔[1]

سینہ تیری سُنّت کا مدینہ بنے آقا!                                                                        جنت میں پڑوسی مجھے تم اپنا بنانا

نالو رکڻ جون سنّتون ۽ آداب

 فرمانِ مُصطَفٰيصَلَّى اللهُ عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ: قيامت جي ڏينهن توهان پنهنجي ۽ پنهنجي ابن ڏاڏن جي نالن سان پڪاريا ويندؤ، تنهنڪري توهان پنهنجا سٺا نالا رکو۔ ([2])

    اي عاشقانِ رسول! مفتي امجد علي اعظمي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه فرمائن ٿا: ٻار جو سُٺو نالو رکيو وڃي ڪافي ماڻهن جا اهڙا نالا آهن جن جي معنٰي نه آهي يا انهن جي بُري معنٰي آهي اهڙن نالن کان بچو *  انبياءِ ڪرام عَلَيهمُ الصَّلٰوة وَالسَّلام ۽ صحابه وتابعين رَضِىَ اللهُ عَنْهم جي نالن تي نالا رکڻ بهتر آهي، اميد آهي ته انهن نالن جي برڪت ٻار کي حاصل ٿئي *  ٻار زندھ پيدا ٿيو يا مُئل ان جو بدن مڪمل ٿيو هجي يا مڪمل نه ٿيو هجي، بهرحال ان جو نالو رکيو ويندو *  حديث پاڪ ۾ آهي: ٻار جو نالو رکو جو الله پاڪ ان جي ذريعي توهان جي عمل جي ساهمي کي وزندار ڪندو *  جبريل يا ميڪائيل وغيره نالو نه رکو *  يٰسين يا طٰهٰ نالو


 

 



[1] مشڪوٰة الصابيح،ڪتاب الايمان،باب الاعتصام بالڪتاب والسنة ،الفصل الثاني،1/55،حديث:175

[2]...ابو داؤد، کتاب الادب، باب:فی تغییر الاسما، صفحہ:775، حدیث:4948۔