Quran Ki Taseer

Book Name:Quran Ki Taseer

نبي پاڪ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم جي خدمت ۾ حاضر ٿي ڪري پڇيو ته آخر هي مُعاملو ڇا آهي؟ ته پياري آقا، مُحَمّدِ مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم فرمايو: اي اُمِّ اَيمن! سخت گرمي آهي، رمضان آهي، فاطمه(رَضِىَ اللهُ عَنْها) روزو رکيو آهي، الله پاڪ فاطمه تي ننڊ غالب ڪري ڇڏي ته جيئن ڪجھ دير آرام ڪن ۽ انهن کي گرمي جي سختي محسوس نه ٿي ۽ ملائڪن کي موڪلي ڇڏيو جيڪي چڪي هلائي رهيا آهن ۽ پينگهو به لوڏي رهيا آهن.[1]

وہ خاتونِ جَنّت معصوم حُوریں باندیاں جن کی

مَلَک جَنّت سے آکر پیستے تھے چکیاں جن کی

سيده فاطمه ۽ قرآن جي تلاوت

حضرت سلمان فارسي رَضِىَ اللهُ عَنْه  فرمائن ٿا: هڪ دفعي مان پياري آقا صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ   جي حڪم سان سيّده فاطمه رَضِىَ اللهُ عَنْها جي خدمت ۾ حاضر ٿيس، مون ڏٺو ته حضراتِ حسنينِ ڪريمين رَضِىَ اللهُ عَنْهما سمهي رهيا آهن. ۽ پاڻ رَضِىَ اللهُ عَنْها انهن کي وهجڻو هڻي رهيون هيون ۽ زبان سان قرآنِ پاڪ جي تلاوت ڪري رهيون هيون، اهو ڏسي مون تي هڪ خاص رقت واري حالت طاري ٿي. ([2])

وصال مبارڪ

پاڻ رَضِىَ اللهُ عَنْها جو وصال سرڪارِ مدينه صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ  جي وصالِ ظاهري کان 6 مهينا پوءِ 3 رمضان المبارڪ 11 هجري تي ٿيو. مزارِ پاڪ جنّت البقيع ۾ آهي. ([3])

پاڻ رَضِىَ اللهُ عَنْها جي سيرت مبارڪ جي باري ۾ وڌيڪ معلومات حاصل ڪرڻ لاءِ مڪتبة المدينه جي تمام پياري ڪتاب شانِ خاتونِ جنّت مڪتبة المدينه تان هديو ڏئي حاصل ڪيو. يا دعوت اسلامي جي ويب سائيٽ www.Dawateislami.net تان


 

 



[1] سفینہ نوح، حصہ: دوم، صفحہ:35۔

[2]...سفینہ نوح، حصہ: دوم، صفحہ:35۔

[3]...شرح الزرقانی، الفصل الثانی، جلد:4، صفحہ:336۔