Quran Ki Taseer

Book Name:Quran Ki Taseer

مفت ۾ ڊائون لوڊ ڪريو!

اعتڪاف جا چند فضائل

پيارا اسلامي ڀائرو! الحمدلله! دعوتِ اسلامي جي ديني ماحول ۾ ملڪ ۽ بيروني ملڪ هزارين مقامات تي اجتماعي اعتڪاف ڪرايو وڃي ٿو، اعتڪاف گناهن کان بچي ڪري نيڪين ۾ گذارڻ جو بهترين طريقو آهي، اوهان به پورو رمضان يا گهٽ ۾ گهٽ آخري عشري جي اجتماعي اعتڪاف ۾ شرڪت ڪيو! اچو! اعتڪاف جي فضائل تي 3 احاديث ٻڌون ٿا: الله پاڪ جي آخري نبي، مڪي مدني صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ فرمايو: جيڪو الله پاڪ جي رضا ۽ خوشنودي جي لاءِ هڪ ڏينهن جو اعتڪاف ڪندو الله پاڪ ان جي ۽ جهنم جي درميان 3 خندقون حائل ڪري ڇڏيندو، هرخندق جي مسافت(يعني دوري) مشرق ۽ مغرب جي فاصلي کان به وڌيڪ آهي.([1]) مسلمانن جي امڙ سائڻ حضرت عائشہ صديقه، طيبه، طاهرهرَضِىَ اللهُ عَنۡها کان روايت آهي: مَنْ اِعْتَکَفَ اِیْمَاناً وَ اِحْتِسَابًا غُفِرَ لَهٗ مَا تَقَدَّمَ مِنْ ذَنْبِهٖ  يعني جنهن ايمان سان ۽ ثواب حاصل ڪرڻ جي نيت سان اعتڪاف ڪيو ان جا پويان گناھ بخشيا ويندا.([2]) هڪ حديثِ پاڪ ۾ فرمايائون: جنهن رمضان المبارڪ ۾ 10 ڏينهن جو اعتڪاف ڪري ورتو اهو ايئن آهي جيئن 2 حج ۽ 2 عمرا ڪيا.

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                    صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد 

عطيات جي ترغيب

   پيارا اسلامي ڀائرو! اَلْـحَمْـدُلـِلّٰـه! دعوتِ اسلامي سڄي دنيا ۾ نيڪي جي دعوت عام ڪرڻ واري عاشقانِ رسول جي ديني تحريڪ آهي. الله پاڪ جي فضل سان دعوتِ اسلامي 80 کان وڌيڪ شعبن ۾ ديني خدمتون انجام ڏئي رهي آهي


 

 



[1]...شُعَبُ الْاِیْمَان، باب:فی الاعتکاف، جلد:3، صفحہ:425، حدیث:3965۔

[2]...جَامِع صغِیر، صفحہ:516، حدیث:8480۔