Quran Ki Taseer

Book Name:Quran Ki Taseer

ڳالھ جو تذڪرو ڪيو ته پاڻ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جن فرمايو: ثابت بن قيس ضرور رات جو سورةِ بقره جي تلاوت ڪندا هوندا. حضرت ثابت بن قيس رَضِىَ اللهُ عَنْه کان هن جي باري ۾ پڇيو ويو ته انهن ٻڌايو: ها! واقعي مان رات جو سورةِ بقره جي تلاوت ڪندو آهيان.[1]

چھوڑو یہ ظلمتوں کے شِکوے کرو نہ ہر دَم                             ہے روشنی کی خواہش، قرآن پڑھ کے دیکھو

   سبحٰن الله! خبر پئي! قرآنِ ڪريم نور آهي. ان کي پڙهڻ سان، ان جي تلاوت ڪرڻ سان دليون به روشن ٿينديون آهن ۽ الله پاڪ چاهي ته ظاهر ۾ به نور نصيب ٿي ويندو آهي.

قرآنِ ڪريم قلبي بيماريون دور ڪندو آهي

   الله پاڪ قرآنِ پاڪ ۾ فرمايو:

یٰۤاَیُّہَا النَّاسُ قَدْ جَآءَتْکُمْ  مَّوْعِظَۃٌ مِّنْ رَّبِّکُمْ وَ شِفَآءٌ لِّمَا فِی الصُّدُوْرِ ۬ۙ

ترجمو ڪنزالعرفان: اي انسانو! توهان وٽ توهان جي ربَّ جي طرف کان نصيحت ۽ دلين جي شفا اچي وئي.(سيپارو: 11، يُونس: 57)

   مشهور مُفسرِ قرآنِ، حڪيمُ الامّت مُفتي احمد يار خان نعيمي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه هن آيت جي تحت فرمائن ٿا: قرآنِ ڪريم ربَّ جي طرف کان ٻانهن جي روحاني پرورش جو ذريعو آهي، دل جون تمام بيماريون جهڙوڪ * جهالت * شڪ * شرڪ
* نفاق * ۽ بُرا عقيده * بُرا اخلاق * حسد * ڪينو * هوس * دنيا جي لالچ * عداوت وغيره. قرآنِ ڪريم انهن سڀني جي اصلاح ڪرڻ وارو آهي.[2]

میرے ربّ کا کَلام ہے قُرآں                                                                              واہ کیا بات پیارے قُرآں کی

ہر مسلماں کا اس پہ ہے اِیماں                                                                                  واہ کیا بات پیارے قُرآں کی


 

 



[1]...فضائل القرآن للمستغفری، ، صفحہ:200، حدیث:708۔

[2]...تفسیر نعیمی،پارہ:11، سورۂ یونس، زیرِ آیت:57، جلد: 11، صفحہ:367، 368 ملخصاً۔