Quran Ki Taseer

Book Name:Quran Ki Taseer

داخل ڪرڻ ۽ بيمارين کان شفا ڏيڻ جي لاءِ ڪافي آهي.

شوق دے دے مجھے عِبادت کا                                                         ذِکر و اَذکار کا تِلاوت کا

اَز پئے غوث وخواجہ اے رحماں                                                واہ کیا بات پیارے قرآں کی

قرآن ڪريم جي  مختلف سورتن جي تاثير

اي عاشقانِ رسول! قرآن ڪريم جتان کان به پڙهو، ان جون برڪتون ئي برڪتون آهن. البته عالم سڳورن حديثن جي روشني ۾ ۽ پنهنجي تجربي سان قرآني سورتن جا الڳ الڳ تاثير به بيان فرمايا آهن، اچو! ٻڌون ٿا

* سُوۡرَۃُ الْفاتِحَہ 100 ڀيرا پڙهي ڪري جيڪا دُعا گهري وڃي، قبول ٿيندي آهي، * سُوْرَۃُ الْبَقَرہ جي تلاوت سان شيطان گهر مان ڀڄي ويندو آهي  * آیَۃُ الْکُرسی پڙهڻ سان محتاجي دور ٿي ويندي آهي. * سُوْرَۃُ الْکَہْف کي هميشه پڙهڻ سان دجَّال جي فتنن کان حفاظت ٿيندي،  * سُورةُ الدُّخان پڙهڻ سان مشڪل دور ٿي ويندي آهي،  * سُوْرَۃُ الحُجُرات جو پڙهڻ ۽ دم ڪري پيئڻ گهر ۾ خير ۽ برڪت جي لاءِ مفيد آهي،  * سُوْرَهٔ قٓ پڙهڻ سان باغ ۾ ميون جي ڪثرت ٿيندي آهي، * سُوْرَۃُ الرَّحْمٰن 111 مرتبا پڙهڻ سان تمام مقصد پورا ٿي ويندا آهن،
* سُوْرَۃُالْواقِعَہ روزانو پڙهڻ سان اُن کي ڪڏهن به فاقو نه ٿيندو،  * سُوْرَۃُ الْمُلْک کي هر رات پڙهڻ سان عذابِ قبر کان حفاظت ٿيندي، * سُوْرَۃُالْمُزَّمِّل 111 مرتبا پڙهڻ سان هر مشڪل آسان ٿي ويندي آهي، * سُوْرَۃُالنّٰزِعٰت پڙهڻ سان سڪرات جي تڪليف نه ٿيندي، * سُوْرَۂ اَلَمۡ نَشۡرَح  کي جنهن مال تي پڙهيو وڃي، اُن ۾خوب برڪت ٿيندي، * سُوْرَۃُالتِّیْن  ڀيرا پڙهڻ سان اخلاق ۽ ڪردار بهترين ٿيندا آهن،* سُوْرَۃُ الْعَلَق ۾ جوڙن جي سور جو علاج آهي، * سُوْرَۃُالْقَدۡر جيڪو صبح ۽ شام