Quran Ki Taseer

Book Name:Quran Ki Taseer

مَدَني صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم جي پياري ڌيءَ، سيدهءِ ڪائنات، خاتونِ جنت، حضرت فاطمة الزهراء، طيّبه، طاهره، عابده، زاهده  رَضِىَ اللهُ عَنْها جو عرس مبارڪ آهي، اچو انهيءَ مناسبت سان سندن ڪجھ ذڪر خير ڪيون ٿا. حضرت فاطمه رَضِىَ اللهُ عَنْها اسان جي آقا و موليٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم جي سڀني کان ننڍي ۽ لاڏلي شهزادي آهي. سندن ولادت * هڪ قول جي مطابق اعلان نبوت کان 5 سال پهريان * ۽ هڪ قول جي مطابق اعلانِ نُبوت جي پهرين سال مڪي شريف ۾ ٿي.[1]  سندن نالو مبارڪ ”فاطمه“ الله پاڪ رکيو. جيئن ته حديث پاڪ ۾ آهي: بيشڪ منهنجي ڌيءَ جو نالو الله پاڪ فاطمه رکيو ڇوته ان کي الله پاڪ جهنم کان پري ڪري ڇڏيو آهي.[2] * ۽ هڪ ٻي حديث پاڪ ۾ آهي: ان جو نالو فاطمه رکيو ويو ڇوته الله پاڪ ان کي ۽ ان کان عقيدت رکڻ وارن کي دوزخ کان آزاد ڪيو آهي.[3]  ”بتول“ ۽ ”زهرا“ سندن مشهور لقب آهن. پاڻ مسلمانن جي چوٿين خليفي امير المومنين حضرت علي رَضِىَ اللهُ عَنْهُ جون گهر واريون ۽ جنت جي نوجوانن جي سردار حسنين ڪريمين(امامِ حسن ۽ امامِ حسين) رَضِىَ اللهُ عَنْهما جون والده محترمه آهن.[4]

پاڻ رَضِىَ اللهُ عَنْهُ جا فضائل تمام گهڻا آهن. اُمّ ايمن رَضِىَ اللهُ عَنْها  فرمائن ٿيون: هڪ ڏينهن منجهند جي وقت مان حضرت فاطمه رَضِىَ اللهُ عَنْها  جي گهر ويس، دروازو بند هيو ۽ اندران چڪي هلڻ جو آواز اچي رهيو هو. مون اندر ڏٺو ته منهنجي سامهون هي منظر هو ته چڪي هلي رهي هئي ۽ حسنين ڪريمين (امام حسن ۽ امام حسين رَضِىَ اللهُ عَنْهما) جو پينگهو لڏي رهيو هو، پر حضرت فاطمه  رَضِىَ اللهُ عَنْها چڪي جي ويجهو ئي زمين تي آرام ڪري رهيون(يعني سمهي رهيون) هيون. حضرت اُمّ اَيمن رَضِىَ اللهُ عَنْها  فرمائن ٿيون: هي معاملو ڏسي ڪري مونکي ڏاڍي حيراني ٿي. مون


 

 



[1] شَرْح الزَّرْقَانی، المقصد الثانی...الخ، الفصل الثانی فی ذکر ...الخ، جلد:4، صفحہ:331 خلاصۃً۔

[2] سَبْلُ الْہُدی، ابواب فضائل آل رسول، الباب التاسع، جلد:11، صفحہ:52۔

[3] َکنْزُ الْعُمَال، جزء:12،کتاب الفضائل، فضل اھل البیت، جلد:6، صفحہ:50، حدیث:34222۔

[4] الاکمال فی اسماء الرجال، 718، فاطمۃ الکبری، صفحہ:87۔