Quran Ki Taseer

Book Name:Quran Ki Taseer

چوندو رهندو هو: محمد (صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ) به توهان کي (قومِ) عَاد ۽ (قومِ) ثَمود جا واقعا ٻڌائيندا آهن ته مان توهان کي رُستم، اِسۡفِنديار (ايران جي بادشاهن) وغيره جا قصا ٻڌايان ٿو.

   يعني ان بدبخت انهن ڪوڙن سچن قصن کي قرآنِ ڪريم جي برابر سمجهو. ان جي مذمت ۾ سيپاري: 21، سورة لُقمان جون آيتون نازل ٿيون.

   هاڻي هتي ڏسو! ڪوڙن قصن ڪهاڻين جا ڪتابَ، آکاڻيون، ڊائجسٽ وغيره اسان وٽ به پڙهيا ويندا آهن، ماڻهو تمام گهڻو شوق سان اهڙا ڪتابَ پڙهندا آهن، سورة لُقمان جي ابتدائي آيتن ۾ نَضَر بن حارث جي انهن قصن جي ڪتابَن ۽ قرآنِ پاڪ ۾ فرق کي واضح ڪيو ويو. نَضَر بن حارث جي مذمت ۾ الله پاڪ فرمايو:

وَ مِنَ النَّاسِ مَنْ یَّشْتَرِیْ لَہْوَ الْحَدِیْثِ لِیُضِلَّ عَنْ سَبِیْلِ اللّٰہِ بِغَیْرِ عِلْمٍ ٭ۖ وَّ یَتَّخِذَہَا ہُزُوًا ؕ

 ترجمو ڪنزالعرفان: ۽ ڪجھ ماڻهو راند جون ڳالهيون خريد ڪن ٿا ته جيئن بغير سمجهڻ جي الله جي واٽ کان ڀٽڪائن ۽ انهن کي مذاق مسخري بڻائن.

(سيپارو: 21، لقمان: 6)

   يعني نَضَر بن حارث جيڪي قصن جا ڪتاب کڻي ڦرندو آهي، ان ۾ ڪيئي خرابيون آهن. (1): پهرين خرابي ته هي آهي جو هي لَهۡوَ الحديث (يعني بنا مقصد جون ڪهاڻيون ۽ راند روند جون ڳالهيون) آهن (2): ٻئين خرابي هي آهي جو انهن کي پڙهڻ وارا الله پاڪ جي رستي، نيڪي جي رستي کان پري ٿي ويندا آهن.

   هاڻي ان جي مقابلي ۾ قرآنِ ڪريم جو ڪهڙو شان آهي؟ الله پاڪ فرمائي ٿو:

الٓـمّٓ ۚ(۱) تِلْکَ اٰیٰتُ الْکِتٰبِ  الْحَکِیْمِ ۙ(۲) ہُدًی  وَّ  رَحْمَۃً   لِّلْمُحْسِنِیْنَ ۙ(۳)

ترجمو ڪنزالعرفان: H". هي حڪمت واري ڪتاب جون آيتون آهن.  نيڪن جي لاءِ هدايت ۽ رحمت آهن. (سيپارو: 21، لقمان: 1،2،3)