Karbala Ke Jaan Nisaron

Book Name:Karbala Ke Jaan Nisaron

صَلُّوْا عَلَی الْحَبِیْب!                                                صَلَّی اللہُ عَلٰی مُحَمَّد

ڪربلا جي جان نثارن کي سلام

پيارا اسلامي ڀائرو! محرم شريف جا مبارڪ ڏينهن آهن، امام عالي مقام، امام حسين رَضِىَ اللهُ عَنْهُ ۽ واقعهءِ ڪربلا جون يادون دلين ۾ تازيون آهن. ڪيترا خوش نصيب آهن اهي بلند مرتبي وارا ماڻهو جيڪي ڪربلا جي ميدان ۾ امام حسين رَضِىَ اللهُ عَنْهُ سان گڏ هئا، پاڻ رَضِىَ اللهُ عَنْه  جي بلند ديني مقصد لاءِ جانين جا نذرانا پيش ڪري رهيا هئا.

بعض دفعا ذهنن ۾ خيال ايندو آهي ته هي سڀئي ماڻهو جيڪي ڪربلا ۾ شهيد ٿيا، سڀئي اهلِ بيت ئي هئا بلڪه بعض نادان اعتراض به ڪندا آهن ته صحابه ڪرام رَضِىَ اللهُ عَنْهم مان ڪو به امام حسين رَضِىَ اللهُ عَنْهُ سان گڏ نه هو. هي غلط ڳالهه آهي، هي معلومات جي ڪميءَ جي ڪري آهي.

 *پهرين ڳالھ ته ڏسو!  امام حسين رَضِىَ اللهُ عَنْهُ جنگ لاءِ ڪربلا ۾ آيا ئي نه هئا، ڀلا جنگ لاءِ ويندي ڪو ٻارن ۽ عورتن کي به گڏ وٺي ويندو آهي...؟ جيڪڏهن امام حسين رَضِىَ اللهُ عَنْهُ جنگ جي ارادي سان تشريف کڻي اچن ها ته هزارين صحابه جو لشڪر ضرور ساڻس گڏ هجي ها.

ٻي ڳالهه هيءَ آهي ته اهي خوش نصيب جن ڪربلا جي ميدان ۾ جانين جا نذرانا پيش ڪيا، اهي سڀئي اهلِ بيت ئي نه هئا، انهن ۾ صحابه ڪرام رَضِىَ اللهُ عَنْهُم به هئا ۽ تابعين به هئا. ميدانِ ڪربلا ۾ امام حسين رَضِىَ اللهُ عَنْهُ جي قافلي جا ڪل ماڻهو 72 يا 82 ۽ ڪن روايتن موجب 100 کان ڪجهه وڌيڪ هئا، انهن ۾ 18 کان 20 افراد اهلِ بيت مان هئا، باقي سڀ صحابي ۽ تابعي هئا.