Karbala Ke Jaan Nisaron

Book Name:Karbala Ke Jaan Nisaron

   وضاحت: يارسول الله! اوهان کان سواءِ مون ڪنهن کان اُميد ناهي لڳائي، نه ئي ڪو اهڙو آهي جو ان کان اُميد لڳائي سگهجي، مون کي ته بس اوهان ئي جو آسرو ۽ سهارو آهي، اوهان تي ڪروڙين درود هجن.

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيبِ!                                                                                                صَلَّي الله عَلٰي مُحَمَّد

بيان ٻڌڻ جون نيتون

حديثِ پاڪ ۾ آهي: اَفْضَلُ الْعَمَلِ اَلنِّيَّةُ الصَّادِقَةُ سچي نيت اَفضَل تَرين عَمل آهي۔([1])

اي عاشقانِ رسول! هر جائز ڪم کان پهريان سٺيون نيتون ڪرڻ جي عادت بنائڻ گھرجي، ڇوته سٺي نيت انسان کي جنَّت ۾ داخِل ڪرائيندي آهي۔ بيان ٻڌڻ کان پهريان به سٺيون سٺيون نيتون ڪري وٺو! مثال طور نيت ڪريو! * عِلۡم دين سکڻ جي لاءِ سڄو بيان ٻڌندس * اَدَب سان ويهندس * پنهنجي اِصلاح جي لاءِ بيان ٻُڌندس * جيڪو ٻُڌندس، اهو ٻين تائين پهچائڻ جي ڪوشش ڪندس۔

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيبِ!                                                                                                صَلَّي الله عَلٰي مُحَمَّد

حضرت حُرْ رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه جي جانثاري

61 هجري جي ڳالهه آهي، مُحَرَّم شريف جو مهينو هو، 10 تاريخ هئي، جمعي جو ڏينهن هو، ميدانِ ڪربلا ۾ اَهلِ بيتِ اَطْهار جو امتحان ٿي رهيو هو. امامِ عالي مقام، امام حُسين رَضِىَ اللهُ عَنْه  جيڪي  اَهلِ بيت جي قافلي جا سربراھ هئا، پاڻ   رَضِىَ اللهُ عَنْه سمجهائڻ جي آخري ڪوشش (يعنيFinal Warning) جي لاءِ يزيدي ظالمن


 

 



[1]...جامع صغیر، صفحہ:81، حدیث:1284۔