Karbala Ke Jaan Nisaron

Book Name:Karbala Ke Jaan Nisaron

امامِ عالي مقام امام حُسَين رَضِىَ اللهُ عَنْه ۽ سندن ساٿين جي صدقي الله پاڪ اسان سڀني کي عمل جي توفيق عطا فرمائي.

ذيلي حلقي جي 12 ديني ڪمن مان هڪ ديني ڪم: مدرسة المدينه بالغان

پيارا اسلامي ڀائرو! عشقِ مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم ماڻڻ ۽ اهل بيت رَضِىَ اللهُ عَنْهم جي محبت حاصل ڪرڻ جي لاءِ عاشقانِ رسول جي ديني تحريڪ دعوتِ اسلامي جي ديني ماحول سان وابسته ٿي وڃو. ذيلي حلقي جي 12 ديني ڪمن ۾ به خوب وڌي ڪري حصو وٺو! اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! دِين ۽ دنيا جون بيشمار برڪتون نصيب ٿينديون. ذيلي حلقي جي 12 ديني ڪمن مان هڪ ديني ڪم مدرسة المدينه بالغان به آهي.

حديثِ پاڪ ۾ آهي: توهان مان بهتر اهو آهي، جيڪو قرآن سکي ۽ سيکاري. ([1]) * قرآنِ مجيد الله پاڪ جي ڪتاب آهي، * ٻانهن جي نالي رَبِّ ڪريم جو پيغام آهي. * پر افسوس! اڄڪلهه مسلمان قرآنِ ڪريم کان تمام پري ٿي رهيا آهن. * گهڻن ماڻهن کي صحيح قرآنِ مجيد پڙهڻ به نه ٿو اچي. جيڪي پڙهي وٺن ٿا، اهي به تجويد ۽ مخارج جون اهڙيون غلطيون ڪن ٿا، جن جي سبب نماز ئي ناهي ٿيندي.

* الحمد للہ! عاشقانِ رسول جي ديني تحريڪ دعوتِ اسلامي قرآن جو فيضان عام ڪرڻ ۾ مصروف آهي. صرف 45 منٽن جي ڪلاس ٿيندي آهي. جنهن ۾


 

 



[1]... بخاری، کتاب فضائل القرآن، باب خیرکم من ...الخ، صفحہ:1299، حدیث:5027۔