Book Name:Karbala Ke Jaan Nisaron
عمرو ڪري، * درودِ پاڪ جي ڪثرت ڪري، * نيڪ ڪمن ۾ جلدي ڪري، * حسنِ اخلاق جي ذريعي، * علمِ دين سکڻ ۾ ڪوشش ڪري، * والدين جي خدمت ڪري، * پياري نبي، چڱي نبي، سٺي نبي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم جون سنتون اپنائي، * ڏاڙهي سجائي ڪري، * عمامو پائي، * راهِ خدا ۾ سفر ڪري، * نيڪي جي دعوت عام ڪري، * مدني قافلن ۾ سفر ڪري،* نيڪ اعمال تي استقامت جي ذريعي، مطلب ته هر اهو ڪم جيڪو جنت ۾ وٺي وڃڻ وارو آهي، ان ۾ تيزي ڪريون، انهن ڪمن جي طرف ڊوڙ ڪري پهچون، ان جي برڪت سان جنت جي طرف وڌندا رهنداسين. الله پاڪ اسان کي جنت جو شوق نصيب فرمائي.
اٰمِين بِجَاهِ خَاتَمِ النَّبِيّٖن صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم
ڪربلا وارا جنت جا ڪيترا شوقين هئا، هڪ روايت ٻڌو! 10 محرم شريف جي صبح جڏهن بس لڙائي شروع ٿيڻ ئي واري هئي، ان کان ڪجهه دير پهريان، حضرت عبد الرحمٰن بن عبد الرّبّ ۽ حضرت بَرِيۡر هَمداني رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡهما گڏ بيٺا هئا، حضرت بَرِيۡر رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه، حضرت عبد الرحمٰن رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه سان خوش طبعي واريون ڳالهيون شروع ڪيون. حضرت عبد الرحمٰن رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه فرمايو: بَرِيۡر! هي ڪهڙو وقت آهي اهڙيون ڳالهيون ڪرڻ جو...؟ فرمايو: منهنجي قوم ڄاڻي ٿي ته مان سنجيده ماڻهو آهيان پر خدا جو قسم! هن وقت مان تمام گهڻو خوش آهيان، هاڻي بس ڪجهه ئي دير بعد شهادت نصيب ٿيندي ۽ اسان جنت ۾ پهچي وينداسين. ([1])