Karbala Ke Jaan Nisaron

Book Name:Karbala Ke Jaan Nisaron

ہزاروں میں بہتر تَن تھے تسلیم و رضا والے           حقیقت میں خُدا اِن کا تھا اور یہ تھے خُدا والے

یہ نعرہ حُرْ کا تھا جس وقت فوجِ نار سے نکلا                           کہ دیکھو! یُوں نکلتے ہیں جہنّم سے خُدا والے

حُسَین ابنِ علی کی کیا مدد کر سکتا تھا کوئی                                                  یہ خُود مشکل کُشَا تھے اور تھے مشکِل کُشَا والے

دوائے دَرْدِ عصیاں پنج تن کے دَرْ سے ملتی ہے                                           زمانے میں یہی مشہور ہیں دارُ الشِّفا والے

 سُبْحٰنَ اللہ! هي آهي ايماني سوچ...!! هي آهي ايماني فيصلو...!! هي همت آسان ناهي هوندي، هي حوصلو ڪرڻ آسان ناهي هوندو، الله پاڪ جن سان ڀلائي جو ارادو فرمائي ٿو، هي همت اهي ئي ڪندا آهن.

 جنت جي طرف ڊوڙي پئو!

پيارا اسلامي ڀائرو! هن ۾ اسان لاءِ به سبق آهي، ٿورو غور ڪريو! * ڇا اسان کي خبر ناهي ته نماز پڙهڻ سان جنت ملندي آهي؟ نه پڙهڻ ۾ جهنم جي حقداري آهي؟ اسان ڄاڻون ٿا پر ترجيح ڪنهن کي ڏني وڃي ٿي؟ افسوس! ماڻهو ڪم ڪار کي ترجيح ڏين ٿا، دڪانداري کي ترجيح ڏين ٿا، دنياوي ضروري ڪمن کي ترجيح ڏين ٿا، معمولي معمولي ڪمن جي خاطر جماعت ڇڏين ٿا بلڪه نماز تائين قضا ڪري ڇڏين ٿا. * اسان ڄاڻون ٿا روزو رکڻ سان جنت ملندي آهي پر ڪيترا اهڙا آهن جيڪي رمضان المبارڪ جا فرض روزا به قضا ڪري ڇڏين ٿا. * اسان ڄاڻون ٿا ته تلاوت ڪرڻ سان جنت ملندي آهي پر