Book Name:Karbala Ke Jaan Nisaron
پوءِ هن روايت مان هيء به معلوم ٿيو ته سڀئي شهداءِ ڪربلا، چاھي اھلِ بيتِ اطھار ھجن يا صحابه ڪرام يا تابعين، جن خوش نصيبن امام عالي مقام رَضِىَ اللهُ عَنْهُ تي پنهنجون جانيون قربان ڪيون، اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! ! سڀئي بلا حساب جنت ۾ داخل ٿيندا.
کربلا تیری بہاروں کو سلام جاں نثاری کے نظاروں سلام
قاسِم و عبّاس پر ہوں رحمتیں کربلا کے شہسواروں کو سلام
جس کسی نے کربلا میں جان دِی ان سبھی ایمانداروں کو سلام
صَلُّوْا عَلَی الْحَبِیْب! صَلَّی اللہُ عَلٰی مُحَمَّد
پيارا اسلامي ڀائرو! ڪربلا جا جان نثار تمام بلند ڪردار، وڏا عبادت گذار، نيڪ ۽ پرهيزگار هئا. تاريخ طبري ۾ روايت آهي: سانحهءِ ڪربلا جي آخري رات (يعني جنهن رات جي صبح ڪربلا جو واقعو پيش آيو) سڀني اهلِ ڪربلا اها رات عبادت ۽ رياضت ڪندي گذاري، اهي خوش نصيب ان رات ڪڏهن نفل نمازون پڙهندا هئا، ڪڏهن توبه ۽ استغفار ڪندا هئا ۽ ڪڏهن الله پاڪ جي حضور روئي روئي، گڙ گڙائي دعائون ڪري رهيا هئا۔[1]