Karbala Ke Jaan Nisaron

Book Name:Karbala Ke Jaan Nisaron

الله اڪبر! نوجوان خون محبت اهلِ بيت ۽ شوقِ جنّت سان سرشار هو، يزيدي ظالم سامهون ايندا وڃن ٿا، حضرت وھب رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه انهن کي گجر موري جيان ڪٽيندا وڃن ٿا. آخرڪار ڪاري دلين واري يزيدين انهن تي هڪدم سان حملو ڪيو، پاڻ زخمن سان چُور ٿي ڪري زمين تي تشريف کڻي آيا، فوراً ئي هڪ ظالم يزيدي اڳتي وڌيو سندن سر ڌڙ کان جدا ڪري ڇڏيو. سندن سر سندن امّڙ سائڻ پنهنجي جھولي ۾ رکيو، پيار ڪيو ۽ چيو: پٽ! هاڻي تنهنجي ماءُ توسان راضي ٿي. پوءِ سندن نئين ڪنوار جي هنج ۾ سر رکيو ويو، ڪنوار کي انهيءَ وقت جُھرجھري آئي ۽ انهن جو به روح پرواز ڪري ويو. ([1])

پيارا اسلامي ڀائرو! ڏٺو توهان اهلِ بيت اطهار رَضِىَ اللهُ عَنْهُم جي محبت ۽ جذبهءِ شهادت به ڪيڏي نه عظيم نعمت آهي، صرف 17 ڏينهن جو گهوٽ ميدانِ ڪربلا ۾ دشمنن جي لشڪر جرار سان اڪيلو وڙهيو ۽ جام شهادت پي ڪري جنت جو حقدار ٿي ويو.

عظيم قرباني، نرالو انعام

پيارا اسلامي ڀائرو!  اسان کي به گهرجي ته دين جي خاطر قرباني لاءِ هميشه تيار رهون، جڏهن به دين لاءِ قرباني ڏيڻ جو موقعو اچي ته بلڪل پوئتي نه هٽون، خوش دليءَ سان، استقامت ۽ حوصلي سان، نهايت بهادري ۽ شان سان قرباني پيش ڪريو. ان جو جيڪو انعام ملندو، اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! ڀاڳ کُلي ويندا. اچو! مان توهان کي راهِ خدا ۾ پيش ڪيل هڪ عظيم قرباني ۽ ان تي ملندڙ انعام جي داستان ٻڌايان ٿو.


 

 



[1]...سوانح کربلا، صفحہ:141 تا 146 ملخصاً۔