Karbala Ke Jaan Nisaron

Book Name:Karbala Ke Jaan Nisaron

جنت جي طرف وڌڻ همت جي ڳالهه آهي

پيارا اسلامي ڀائرو! الله پاڪ حضرت حُرْ رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه جي قرباني قبول فرمائي، ٿورو غور فرمايو! هي ڪيتري همت جي ڳالهه آهي...!! حضرت حُرْ رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه يقين سان ڄاڻندا هئا ته يزيدي لشڪر کان نڪرڻ جو مطلب شهادت آهي. * سندن اولاد به هئي. * گهر وارا به هئا. * پاڻ ڄاڻن پيا ته منهنجو هڪ فيصلو منهنجي ٻارن کي يتيم ڪري ڇڏيندو. * ان جي باوجود پاڻ ڪيتري همت ڪئي. * هڪ طرف عهدو آهي. * منصب آهي. * عزت آهي. * شهرت آهي. * دولت آهي. * ۽ ٻي طرف جنت آهي. * پاڻ عهدو، * منصب، * دولت، * عزت وغيره سڀ ڪجهه ڇڏيو ۽ جنت جي طرف وڌي ويا.

روايتن ۾ آهي: جڏهن حضرت حُرْ رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه لشڪرِ يزيد کان نڪري امامِ حُسين رَضِىَ اللهُ عَنْهُ جي خدمت ۾ حاضر ٿي ويا ته هڪ يزيدي پڪاريو: اي حُرْ! اسان ته توهان کي عقل مند سمجهندا هئاسين، اڄ توهان هي ڪهڙو فيصلو ڪيو؟ ڪثرت يزيد جي طرف آهي، جيت يزيد جي ٿيندي، مال ۽ دولت يزيد وٽ آهي، حڪومت يزيد جي آهي، هي سڀ ڪجهه ڇڏي توهان امام حُسين جي طرف هليا ويا؟

هاڻي حضرت حُرْ رَضِىَ اللهُ عَنْهُ جو ايمان افروز جواب ٻڌو! پاڻ فرمايائون: مون جنت ۽ جهنم مان جنت جو فيصلو ڪيو، خدا جو قسم...!! چاهي مان ڪٽجي وڃان، ساڙيو وڃان پر جنت تي ڪنهن شيءِ کي ترجيح نه ڏيندس.[1]


 

 



[1] البدایہ والنہایہ ، جز:8، جلد:4، صفحہ:577۔