Karbala Ke Jaan Nisaron

Book Name:Karbala Ke Jaan Nisaron

صحيح تجويد ۽ قراءت سان قرآن پڙهڻ به سيکاريو ويندو آهي. فرض علوم به ٻڌايا ويندا آهن. سنتون ۽ آداب به سيکاريا ويندا آهن ۽ ترجمو ۽ تفسير ٻڌڻ جو به موقعو ملندو آهي.

توهان به ان ۾ شرڪت ڪيو! اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! ! تمام برڪتون ملنديون.

برا ڪم ڇڏي ڏنا

حيدرآباد (سنڌ) جي رهاڪو اسلامي ڀاءُ جي بيان جو خلاصو آهي: دعوتِ اسلامي جي ديني ماحول سان وابسته ٿيڻ کان اڳ ۾ مان دنيا جي رنگينين ۾ گم، غفلت ڀري زندگي گذاري رهيو هيس. مَعَاذَاللہ! اڪثر گانا جهونگاريندو هيس. منهنجو هڪ ماسات جيڪو دعوتِ اسلامي جي ديني ماحول سان وابسته هو، مونکي مدرسة المدينه بالغان ۾ قرآنِ پاڪ پڙهڻ جي دعوت ڏيندو رهندو هو. سندس انفرادي ڪوشش رنگ لاتو ۽ مون هڪ ڏينهن مدرسة المدينه بالغان ۾ شرڪت ڪئي. الحمد للہ! مدرسة المدينه بالغان ۾ قرآنِ پاڪ جي تعليم حاصل ڪرڻ جي برڪت سان مون صحيح مخارج سان قرآنِ پاڪ پڙهڻ به سکي ورتو. ۽ دعوتِ اسلامي جي ديني ماحول سان وابسته ٿي ڪري ديني ڪمن ۾ به مصروف ٿي ويس. انهن ديني ڪمن جي برڪت سان الحمد للہ! مونکي 2 ڀيرا عمرو ڪرڻ جي سعادت نصيب ٿي. ([1])

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                               صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد 


 

 



[1]...سینما گھر کا شیدائی، صفحہ:7۔